سانگهڙ(رپورٽر) سانگهڙ جي ميونسپل جي مخصوص سيٽن تي ٻنھي پارٽين جا کدڙا فقير اميدوار هٿ کڻي ويا ، ميونسپل ڪميٽي جي ڪائونسل ھڪ ڀيرو ٻيھر برابر ٿي وئي
ميونسپل ڪميٽي سانگهڙ جي 12 جنرل سيٽن تي پ پ ۽ جي ڊي اي جا 6-6 ميمبر آهن، مخصوص سيٽن تي ٻنهي پارٽين کي چار چار سيٽون ملڻ بعد سندن 10-10 ميمبر ٿي ويا آهن
کدڙي فقير جي ھڪ مخصوص سيٽ تي ٻنھي پارٽين جي اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرايا ھئا جنھن تي ڌرين جي وچ ۾ جھيڙو به ٿيو هو
پ پ ۽ جي ڊي اي پاران کدڙي فقير جي مخصوص سيٽ تي فارم ڀرائيندڙ رفيق فقير ۽ ببلي فقير پنهنجا فارم واپس وٺي ڇڏيا آهن جنهن بعد هڪ سيٽ رهجي وئي آهي
ذريعن موجب ٻنهي پارٽين جي مرڪزي قيادت ٺاھه ڪري ڇڏيو آھي، ھن وقت تائين مقامي اميدوار ان تي ڪو تبصرو نه ڪري رھيا آھن، چيئرمين جو فيصلو ڪيئن ٿيندو ان حوالي سان پارٽيون حڪمت عملي ظاھر نه پيون ڪن