سانگهڙ: 5 سال اڳ جهيڙي دوران قتل تان 5 جوابدارن کي موت جي سزا: 50 لک ڏنڊ 

سانگهڙ: 5 سال اڳ جهيڙي دوران قتل تان 5 جوابدارن کي موت جي سزا: 50 لک ڏنڊ 

سانگهڙ(رپورٽ: سارنگ وساڻ) سانگهڙ جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 5 جوابدارن کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي، هرڪو ملزم 10 لک رپيا ڏنڊ به ادا ڪندو، ان ڏس ۾ سال 2021ع ۾ سانگهڙ ضلعي جي جي منگلي ٿاڻي جي حد ۾ واقع  چڪ نمبر 36  وٽ بگٽي ۽ مسيحي برادري ۾ زمين تان تڪرار ٿيو هو، جنهن دوران بگٽي برادري جي زميندار درمحمد بگٽي جي هاري فدا حسين ولد سڪندر لغاري کي مسيحي برادري جي ڪاشف عرف ڪاشي مسيح، نواز مسيح، دلشاد مسيح، دلمراد مسيح ۽ شمشاد مسيح لٺيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو، انهي جھيڙي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿيا هئا، جوابدارن خلاف منگلي ٿاڻي  تي قلم 302 ۽ 34 پي پي سي هيٺ  ڪيس ( 2021/64) داخل ڪيو ويو هو. سانگهڙ جي عدالت پراسيڪيوشن جي ڏنل ثبوتن جي بنياد تي 6 مان 5 جوابدارن ڪاشف عرف ڪاشي مسيح، نواز مسيح، دلشاد مسيح، دلمراد مسيح ۽ شمشاد مسيح کي ڦاهي ۽ 10/ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏهن ته هڪ جوابدار سليمان مسيح کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو.