| سانگھڙ جي عدالت پاران پيءُ جي قتل ۾ پٽ کي ڦاهيءَ جي سزا |
سانگھڙ (رپورٽر) سانگهڙ جي عدالت پيءُ کي قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جوابدار پٽ ڪامران علي شاهه کي موت جي سزا ۽ 20 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. فرسٽ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج سانگهڙ غلام قادر تنيو پوليس اسٽيشن سانگهڙ ۾ داخل ڪيل ڪيس نمبر 177/2023، قلم قلم 302 جي ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ٻڌايو. عدالتي فيصلي موجب جوابدار ڪامران علي شاهه مٿان پنهنجي والد جي قتل جو الزام ثابت ٿي ويو، جنهن کان پوءِ عدالت کيس موت جي سزا سان گڏ 20 لک روپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت اهو به قرار ڏنو ته جيڪڏهن جوابدار ڏنڊ ادا نه ڪيو ته کيس وڌيڪ قيد ڀوڳڻي پوندي. ساڳئي ڪيس ۾ استعمال ٿيل هٿيار جي ڪيس نمبر 260/2023، دفعه 24 سنڌ آرمز ايڪٽ تحت عدالت جوابدار کي 10 سال قيد ۽ 2 لک روپيا ڏنڊ جي سزا پڻ ٻڌائي وئي. ڪيس جي پيروي سرڪاري وڪيل جمال الدين بالادي ڪئي. عدالت سزا جا حڪم لاڳاپيل اختيارين ڏانهن موڪلي ڇڏيا.