| سانگھڙ ويجهو شاخ کي 30 فوٽ گهارو: 3 ڳوٺ ٻڏي ويا: فصلن کي ڪاپاري نقصان |
سانگهڙ (رپورٽ: سارنگ وساڻ) سانگھڙ ويجهو ڳوٺ مير علي مري ۾ سانگهڙ شاخ کي 30 فوٽ کان وڌيڪ گهارو پئجي ويو، جنهن سبب ڳوٺ مير مري، ڀائي خان مري، بروهي ڳوٺ ۽ ٻيا ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، تازي پوکيل ڪڻڪ ۽ سرنهن جا فصل به پاڻي هيٺ اچي ويا، علائقي واسين موجب سانگهڙ شاخ کي گهارو لڳڻ کي ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ ۽ اطلاع ڏيڻ باوجود ايريگيشن جو عملو نه پهتو. جنهن بعد ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت مٽي جي ٻورين سان گهارو بند ڪرڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون، ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته ايريگيشن عملو فوري طور گهاري کي بند ڪري ته جيئن وڌيڪ نقصان کان بچي سگهجي، هنن چيو ته سرڪار نقصان جو ازالو ڪري.