ساهرن هٿان ساڙيل ناري علاج دوران فوت
جُولاءِ 5, 2025
سڳيون (پنهنجي ڊيسڪ ) سڳيون ڀرسان هاري باهه ڏنل ناري زخمن جا سورنه سهندي ڪراچي جي سول اسپتال ۾ فوت ٿي وئي آهي.
فوتي ناري جي وارثن موجب سڳيون ڀرسان سمي لڳ پنج ڏينهن اڳ 22 ورهين جي نوجوان ناري پيروزا ڪوري کي ساهرن طرفان تشدد ڪري مٿس پيٽرول هاري باهه ڏني وئي هئي.
متاثر ناري پروزا ڪوري زخمن جا سور نه سهندي ڪراچي جي سول اسپتال ۾ فوت ٿي وئي آهي.