ساوند سندراڻي تڪرار جي خاتمي لاءِ خورشيد شاهه، گل محمد جکراڻي ۽ پير آف ڀرچونڊي جي اڳواڻيءَ ۾ ميڙ منٿ قافلو ساوندن وٽ پهچي ويو
جُون 19, 2024
ساوند سندراڻي تڪرار جي خاتمي لاءِ خورشيد شاهه، گل محمد جکراڻي ۽ پير آف ڀرچونڊي جي اڳواڻيءَ ۾ ميڙ منٿ قافلو ساوندن وٽ پهچي ويو، غوثپور مان سوين ماڻهن تي ٻڌل ميڙ منٿ قافلو سکر ۾ شهيد پروفيسر اجمل ساوند جي ڀاءُ ڊاڪٽر طارق ساوند وٽ پهتو، ڊاڪٽر طارق ساوند ۽ ساوند برادري قافلي کي مان ڏيندي نبيري لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو، نبيري جي لاءِ 3 جون جي تاريخ مقرر، 3 جولاءِ تي گهوٽڪي ۾ سردار علي گوهر مهر ۽ ٻين جي سرپينچي هيٺ گوهر پيليس ۾ خوني تڪرار جو نبيرو ڪيو ويندو، منٿ ميڙ قافلي جي اڳواڻي ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ساوندن کانپوءِ سندراڻين جي سردار عابد سندراڻي ڏانهن به ميڙ منٿ قافلو وٺي وينداسين، فيصلي جي تاريخ مقرر ٿيڻ تي علائقي ۾ خوشيءَ جي لهر پکڙجي وئي، ساوند سندراڻي تڪرار تان هيل تائين پروفيسر اجمل ساوند، هڪ عورت ۽ ٻارڙيءَ سميت ٻنهي ڌرين جا 26 ڄڻا مارجي چڪا آهن، خوني تڪرار دوران جهيڙن ۾ وڌيڪ 6 واٽهڙو به اجل جو شڪار ٿيا