ساڍا 4 سئو پاڪستاني وطن واپس

جُون 15, 2025

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) ايران ۾ رهندڙ پاڪستاني شاگردن کي محفوظ طريقي سان ڪڍڻ لاءِ انتظام ڪيا پيا وڃن، ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ کان پوءِ، پاڙيسري ملڪ ۾ ڦاٿل 450 پاڪستاني زائرين وطن واپس پهچي ويا. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته ايران ۾ رهندڙ پاڪستاني شاگردن کي محفوظ طريقي سان ملڪ آڻن لاءِ انتظام ڪيا پيا وڃن. پهرين مرحلي ۾ 154 شاگردن کي ملڪ آندو ويندو. سفارتخانو عراق ۾ ڦاٿل زائرين سان پڻ رابطي ۾ آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پيغام پوسٽ ڪندي، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته موجوده علائقائي صورتحال کي نظر ۾ رکندي، پاڪستان حڪومت پاڪستاني شهرين جي ڀلائي ۽ حفاظت لاءِ ضروري قدم کڻي رهي آهي.

اسحاق ڊار چيو ته ايران مان 450 پاڪستاني زائرين جو انخلا گذريل ڏينهن مڪمل ڪيو ويو، جڏهن ته ايران ۾ رهندڙ پاڪستاني شاگردن جي محفوظ انخلا لاءِ پڻ انتظام ڪيا پيا وڃن. پهرين مرحلي ۾ 154 شاگردن کي ڪڍيو ويندو.

ايڪس پيغام ۾ نائب وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ايران ۾ اسان جو سفارتخانو هوائي حدون بند ٿيڻ جي ڪري عراق ۾ ڦاٿل پاڪستاني زائرين سان مسلسل رابطي ۾ آهي ۽ انهن جي محفوظ رهائش لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

هن چيو ته پرڏيهي آفيس ۾ ڪرائسس مئنيجمينٽ يونٽ (سي ايم يو) 24 ڪلاڪ سرگرم آهي.

رابطي جا تفصيل هن ريت آهن:

فون نمبر: 9207887-51 92+

اي ميل: [email protected]

نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته خطي ۾ اسان جا سفارتخانا پاڪستاني شهرين ۽ زائرين جي مدد ۽ محفوظ واپسي لاءِ سڀني ضروري قدمن جي مڪمل نگراني ڪري رهيا آهن.

ايران ۾ 30 هزار کان 40 هزار پاڪستاني موجود

ٻئي طرف ايران ۾ پاڪستاني سفير محمد مدثر ٽيپو جو چوڻ آهي ته ايران ۾ 30 کان 40 هزار پاڪستاني آهن، 155 پاڪستاني شاگردن کي تفتان بارڊر موڪليو پيو وڃي ۽ هن وقت ايران ۾ 4500 زائرين به موجود آهن.

پاڪستاني سفير وڌيڪ چيو ته ڪالهه 450 پاڪستاني زائرين سرحد تي ويا. پاڪستان کان ايران ايندڙ زائرين کي پهريان صورتحال ڏسڻ گهرجي. پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا مضبوط ٿيا آهن. ايندڙ سالن ۾ پاڪ ايران لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.

ياد رهي ته پاڪستان حڪومت گذريل ڏينهن ايران لاءِ سفري صلاح مشوري جاري ڪئي هئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي، پاڪستاني شهري محدود عرصي لاءِ ايران جو سفر نه ڪن. وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ ايران ۾ پاڪستانين جي محفوظ واپسي لاءِ ضروري قدم ۽ انتظام اڳ ئي جاري آهن.

لاڳاپيل پوسٽون

  • حميرا اضغر جي قتل جا افواهه، الزام هيٺ آيل ميرپورخاص واسي منظر عام تي اچي ويو

  • گڊو بئراج تي ننڍي ٻوڏ، پاڻي سکر ڏانهن وڌڻ لڳو، بندن تي دٻاءُ وڌي ويو

  • ڪراچي چيمبر پاران به لاهور چيمبر جي هڙتال جي حمايت جو اعلان

  • اي آءِ به جرڳا ڪرڻ لڳي، بلوچستان ۾ٻن قبيلن جي پراڻي تڪرار جو نبيرو