| ساڙي ماريل قاتل به هو ته ڇا عدالتون ناهن؟ اهڙو ظلم ڪٿي ٿيندوآهي؟ آءِ جي کان پڇاڻو |
ڪراچي (رپورٽ: عرفان شاهه) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڦورو کي رسين سان ٻڌي جيئرو ساڙڻ تان آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، عدالت چيو ته ايس ايس پي ويسٽ پاڻ پيش ٿي وضاحت ڪري، جسٽس نثار ڀنڀرو چيو ته اهڙي قسم جو ظلم ڪهڙي ملڪ ۾ ٿيندو آهي؟ جڏهن واقعو پيش آيو، ان وقت پوليس ڪٿي هئي؟ جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل قمر عباس چيو ته پوليس اتي موجود هئي، اها خاموش تماشائي بڻيل هئي، عدالت چيو ته جيڪڏهن ساڙي ماريل قاتل به هو ته ڇا عدالتون موجود ناهن؟ جنهن تي وڪيل چيو ته ساڙي ماريندڙن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي، ياد رهي ته 3 ڏينهن اڳ اورنگي ٽائون ۾ اڻڄاتل مڇريل هجوم هڪ شخص کي رسين سان ٻڌي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو هو، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مقامي ماڻهن مطابق ڦورو کي ڦر دوران پڪڙيو ويو هو، واقعو پوليس جي نااهلي ۽ ناڪامي آهي، ڏوهاري کي سزا ڏيڻ شهرين نه پر عدالتن جو ڪم آهي، جيڪڏهن ڪو قاتل يا ڦورو آهي ته انهي کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ پوليس جو ڪم آهي، هڪ نوجوان کي زنده ساڙيو ويو پر پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي, درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته آءِ جي ۽ ايس ايس پي ويسٽ کي عدالت ۾ طلب ڪيو وڃي. آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي فوري طور تي هٽايو وڃي.