| ساڪرو: هيڊماسترياڻي جي بحالي بعد هندو نياڻين اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو |
ميرپور ساڪرو(ن پ ا) گرلس ھاءِ اسڪول ميرپور ساڪرو ۾ پڙھندڙ سانوڻ مھيشوري جي نياڻين سميت ٻين ھندو شاگردياڻين اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو سانوڻ مھيشوري پاران ھيڊ مس کي گھر نه اچڻ ۽ ٽائون جي نوڪري بحال نه ٿيڻ تي انتظاميا کي سخت ڏوراپا ڏنا ويا، ٻئي پاسي ھيڊ مس گلناز جوکيو ٽائيم نيوز سان خصوصي ڳالهه ٻول ڪندي چيو آهي ته جڏهن معاملو خوش اسلوبي سان حل ٿي ويو آهي ته ھاڻ ھندو نياڻين کي اسڪول اچڻ گھرجي منهنجي بحالي بعد ھڪ ٻ ڏينهن نياڻيون اسڪول آيون به ھيون بعد ۾ اچڻ ڇڏي ڏنو، شھر جي معززين کي گذارش آهي ته ٽائون ملازم سانوڻ کي نوڪري تي بحال به ڪيو وڃي ۽ نياڻيون ٻيھر اسڪول اچن ته جيئن تعليمي سرگرميون جاري رهي سگھن