خبریں آپ کے لئے!

چاہتے ہیں جدید معلومات؟

ہمارا مقصد آپ کو تازہ ترین خبریں اور معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ کو اہم موضوعات پر جامع تجزیات اور بصیرت ملیں گے۔ آئے، اور اپنی معلومات کو بڑھائیں، ہم ہمیشہ آپ کی خدمت میں ہیں۔

مضامین کی فہرست

ہمارا مقصد آپ کو diverse موضوعات پر قیمتی معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ مختلف اہم موضوعات پر لکھے گئے مضامین کو تلاش کر سکتے ہیں، جو کہ آپ کی معلومات میں اضافہ کریں گے۔

اہم موضوعات

یہاں آپ کو اہم خبروں اور تجزیوں کا مجموعہ ملے گا، جو آپ کی روزمرہ کی زندگی اور معلوماتی ضروریات کے لئے مفید ہوگا۔ ہماری تمام تحریریں سادہ اور آسان زبان میں پیش کی گئی ہیں۔

ہماری تازہ ترین معلومات کے لئے سبسکرائب کریں

ہماری ویب سائٹ پر آپ کو تازہ ترین خبریں اور دلچسپ مضامین ملیں گے۔ ہمیں یقین ہے کہ آپ کو ہماری معلومات فائدہ مند لگیں گی۔ اس لئے، براہ کرم سبسکرائب کریں تاکہ آپ ہماری تازہ ترین اپ ڈیٹس سے باخبر رہ سکیں۔

ہمارے قارئین

عمومی سوالات

آپ کے عمومی سوالات کے جوابات یہاں موجود ہیں۔
کیا میں ویب سائٹ پر مواد شائع کرسکتا ہوں؟

ہماری ویب سائٹ پر موجود معلومات آپ کے علم میں اضافہ کرنے کے لئے اہم ہیں۔ ہم ہر سوال کا جواب دینے کی کوشش کر رہے ہیں۔ اگر آپ کو مزید مدد کی ضرورت ہو تو بلا جھجھک ہم سے رابطہ کریں۔

سوالات کے جواب آپ کی رہنمائی کے لئے مختص ہیں۔ ہماری کوشش ہے کہ آپ کو جلدی اور صحیح جواب فراہم کریں تاکہ آپ کے خدشات دور ہو سکیں۔

ہمارا ہدف اپنے قارئین کو معلومات فراہم کرنا اور ان کی تشفی کرنا ہے۔ اگر کوئی سوال یا تجویز ہو تو آپ ہمیں بتا سکتے ہیں۔

ہمیں امید ہے کہ آپ کو یہاں دستیاب معلومات مفید لگیں گی۔ آپ کی رائے اہم ہے اور ہم اسے خوش دلی سے قبول کریں گے۔

اگر آپ کو مزید وضاحت یا معلومات چاہیے تو ہمارے مضامین کو دیکھیں۔ ہم مفید اور واضح معلومات فراہم کرنے کا عزم رکھتے ہیں۔

آپ کی خبریں کہاں سے لیکر آتی ہیں؟

ہماری ویب سائٹ پر آپ کے سوالات کے جوابات دینے کے لئے ایک پریس سیکشن بھی ہے جہاں آپ اپنے سوالات پیش کرسکتے ہیں۔

اگر آپ کو مزید سوالات ہیں تو آپ ہمارے روابط سے ہم سے رابطہ کرسکتے ہیں۔ ہم آپ کی خدمت میں ہازر ہیں۔

ہماری معلومات ہمیشہ موجود رہیں گی۔ برائے مہربانی بار بار وزٹ کریں اور نئے سوالات بھیجیں!

ہم آپ کے سوالات کا خیر مقدم کرتے ہیں۔ آپ کی تشویشات اور مشورے ہماری رہنمائی کریں گے۔

مزید معلومات اور سوالات کے لئے ہمیشہ ہماری مدد لائین تک رسائی حاصل کریں۔ ہم آپ کی مدد کے لئے حاضر ہیں۔

   ساڪري جي شاگردياڻين لاءِ مذهب مٽائڻ جو شرط رکڻ جو انڪشاف، هندو ٻارڙين کي اسڪول نيڪالي

   ساڪري جي شاگردياڻين لاءِ مذهب مٽائڻ جو شرط رکڻ جو انڪشاف، هندو ٻارڙين کي اسڪول نيڪالي

ميرپور ساڪرو(رپورٽ: صاحب خان ڪلمتي) ميرپور ساڪرو جي گورنمنٽ  ھاءِ گرلس اسڪول ميرپور ساڪرو جي اقليتي شاگردياڻين جو  ھيڊ مس خلاف پريس ڪلب ساڪرو اڳيان احتجاج ڪيو ويو. شاگردياڻين چيو ته هيڊ مس چوي ٿي ته اسلام قبول ڪري پوءِ اسڪول پڙھو نه ته اوھان کي  اسڪول اچڻ جو حق ناهي کين زوري اسڪول مان ڌڪا ڏئي ڪڊيو ويو. شاگردياڻي جون صحافين اڳيان دانھون مظاھرين ۾ نندني، وشيتا، روشني آڪاشي چاندني نويتا ڪويتا ٻين احتجاج  ڪندي ٻڌايو آهي، گورنمنٽ گرلز  ھاءِ اسڪول ميرپور ساڪرو جي ھيڊ مس اسڪول مان ڌڪا ڏئي ٻاھر ڪڊي ڇڏيو آهي. ھنن چيو ته ھيڊ مس چيو ته اسلام قبول ڪيو پنهنجا نالا تبديل ڪريو ڪلمو پڙھو پوءِ اسڪول ۾ اوھان کي ويھاريو ويندو. ھنن جو وڌيڪ چيو ته ھيڊ مس اسان کي چوي ٿي ته توهان جا مائٽ دوزخي آهن اوھان مسلمان ٿيو نه ته جھنم ۾ وينديون. ٻئي پاسي هيڊ ماسترياڻي گل ناز جوکيو چيو آهي ته  مذهب جي آڙ وٺي ڪجهه بااثر مونکي بدنام ڪري رهيا آهن، مون تي لڳل  الزام ۾ڪنهن قسم جي صداقت ناهي، هن چيو ته وقت به وقت مونکي سيٽ ڇڏڻ لاءِ ساڪري جا بااثر تنگ ڪن  ٿا، گرلز اسڪول ھيڊ ماسترياڻي گل ناز جوکيو جون ڌاٻيجي پريس ڪلب اڳيان صحافين سان ڳالهايون هن چيو ته گذريل ڏينهن ڪجهه بااثر پاران غير مسلم ھندو نياڻيون بھياري ڪري مون مٿان اسلام قبول ڪرڻ جو الزام مڙهي منهنجي ساک متاثر ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي، جڏهن ته هن سرڪاري اسڪول ۾ گذريل ١٣ ورهين کان ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهي آهيان. ڪجھ بااثر مونکي وقتن به وقت بليڪ ميل ڪري رهيا آهين اسان وٽ مختلف ذاتين سميت مختلف مذهبن جا ٻار پڙهن ٿا مون تي بي بنياد الزام مڙهي هڪ سازش تحت نفرتون پکيڙڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي مون تي لڳل الزام ۾ ڪنهن به قسم جي صداقت ناهي گذريل 16  ورھين کان ماستري جي پيشي سان لاڳاپيل آهيا اسان ڪڏهن به ھندو مسلم مذهب جي ڳالھ ناهي ڪئي. اسان وٽ سڀني مذهبن جا ماڻهو رهن ٿا، اسان مذھب جي بنياد تي ڪڏهن به ڪنهن سان اهڙي قسم جو رويو  ناهي رکيو ڪجهه بااثر معصوم نياڻين کي منهنجي خلاف بيهاري  مونکي بدنام ڪري رهيا آهن جڏهن ته منهنجي سيٽ تي قابض لاءِ بدنام ڪرڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ ھتان جا بااثر ماڻهو ملوث آهن جيڪي وقتن بي وقتن مونکي بليڪ ميل ڪن ٿا. هن وس واران کان اپيل ڪندي چيو ته فوري تي نوٽيس وٺي ڪري  منهنجي خلاف سازش ڪندڙ ڳجها ھٿ ظاهر ڪري انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
 

تعليم واري وزير نوٽيس ورتو: ڊي اِي او کي جاچ جو حڪم

 ڪراچي: تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه معاملي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ ميرپوساڪرو جي شاگردياڻي پاران هيڊماسترياڻي تي لڳايل الزامن واري واقعي جو تعليم جي وزير سردار شاھ پاران نوٽيس وٺندي ڊي اِي او ٺٽو کي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. صوبائي وزير سردار شاھ چيو آهي ته اقليتي اسان جي مُلڪ جو حُسن آهن،ساڻن ڪا به زيادتي ٿيڻ نه ڏني ويندي. هن چيو ته اقليتي شاگرد اطمينان رکن اسان سندن تعليم ۽ تحفظ جا ضامن آهيون. هوڏانهن صوبائي وزير سيد سردار شاهه جي حڪم تي ڊسٽرڪٽ  ايجوڪيشن آفيسر حضور بخش خاصخيلي پنجن آفيسر تي مشتمل جاچ ٽيم تشڪيل ڏئي ڇڏي پرنسپال ھاءِ اسڪول گھارو گل حسن اوٺو کي جاچ ٽيم جو چئيرمين مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته سينئير تعليمدان موھن لعل زينب شاھين نسرين پليجو سيد ھاشم شاه جاچ ٽيم ۾ شامل ھوندا. 22 نومبر تي مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ جي ھدايت ڪئي ويئي آهي. هوڏانهن ڊسرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر  سڪينڊري ٺٽو حضور بخش خاصخيلي متاثر نياڻين وٽ پھتو ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر حضور بخش خاصخيلي متاثر نياڻين سان ملاقات ڪري تفصيل ورتا نياڻين جي والد سانوڻ مھيشوري سان پڻ ملاقات ڪئي، ڊي اي او چيو ته نياڻين جي معاملي جو صوبائي وزير سردار شاھه نوٽيس ورتو آهي جاچ ٽيم تشڪيل ڏني آهي انڪوائري ڪرائي انصاف ڪيو.
 

اسان هندو آهيون، ڇا اسان جي نياڻين کي تعليم پرائڻ جو حق ناهي؟ شاگردياڻين جو پيءُ
 ميرپور ساڪرو: شاگردياڻين جي پيءُ سانوڻ مھشوري چيو ته ڇا اسان ھندو آھيون اسان کي نياڻين کي تعليم پرائڻ جو حق ناهي اسان انصان ڪيو وڃي اسان جي نياڻين جي تعليم خراب ٿي رھي آهي.
 

هندو نياڻين کي جبري مذهب مٽائڻ لاءِ هراسان ڪرڻ انتهائي شرمناڪ آهي: سنڌياڻي تحريڪ
 

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ماروي سنڌو، مرڪزي اڳواڻ بختاور ملاح ۽ مروبت هاليپوٽو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ميرپور ساڪرو جي هيڊ ماسترياڻي طرفان هندو نياڻين کي جبري مذهب مٽائڻ لاءِ هراسان ڪرڻ هڪ انتهائي شرمناڪ، عورت دُشمني، تعليم دُشمني ۽ مذهبي انتهاپسندي کي هٿي ڏيڻ وارو عمل آهي، قانون ۽ آئين جي ڀڃڪڙي آهي. سنڌ صوبو پاڪستان ۾ 1940ع واري قرارداد ۽ قائد محمد علي جناح جي سيڪيولر ۽ جمهوري اصولن موجب برابري جي بنيادن تي شامل ٿيو هو، جتي اسان کي اهو ٻڌايو ويو هو ته پاڪستان هڪ سيڪيولر ۽ مذهبي رواداري واري رياست هوندي. قائد اعظم محمد علي جناح جي 11 آگسٽ واري تقرير ۾ به واضح ٿيل آهي، دين اسلام ۾ به جبري مذهب تبديل ڪرائڻ، لالچائي، هراسائي مذهب تبديل ڪرائڻ جي منع ٿيل آهي. پاڪستان جي آئين موجب به ملڪ جا سڀ شهري بنا ڪنهن به رنگ، نسل، ذات پات ۽ مذهب جي برابر ۽ هڪجهڙا انساني، شهري ۽ معاشرتي حق رکن ٿا، سنڌياڻي تحريڪ هن شرمناڪ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي، ان اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪري ٿي.