ساڪري لڳ نوجوان کي مٿي ۾ چڪر، سم نالي ڪري ٻڏي فوت

ميرپور ساڪرو(ن پ ا) ميرپور ساڪرو جي ڳوٺ يار محمد ڪاتيار جو رھواسي نوجوان پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، 26 ورھين جو نوجوان شيردل پٽ نور محمد ڪاتيار ڳوٺ ڀرسان سم نالي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو وارثن موجب نوجوان کي مٿي ۾ چڪر آيو جنهن سبب ھو ڳوٺ ڀرسان سم نالي ۾ ڪري فوت ٿي ويو  نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ڪھرام مچي ويو
 

سرهاري: تيز رفتار موٽرسائيڪل درويش ٻارڙي کي چيڀاٽي ڇڏيو: 2 زخمي 
 

سرھاري (ن پ ا) نوابشاھ کان ايندڙ تيز رفتار موٽرسائيڪل  10سالن جي  درويش ٻارڙي مسڪان بنگوار کي چيڀاٽي زخمي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ گل محمد لغاري واسي فرحان شيخ ۽ جنيد شيخ زخمي ٿي پيا
 

ايم اين اي آفتاب جيلاني جي ماسي لاڏاڻو ڪري وئي، سوڳ ۾ ٿاڻو بولا خان بند
 

ٿاڻو بولا خان (ن پ ا) ٿاڻو بولا خان جي روحاني بزرگ حضرت پير باقر شاهه جيلاني جي پوٽي مرحوم پير اڪبر شاھ جيلاني جي نياڻي ايم اين اي پير آفتاب حسين شاهه جيلاني، پير عزت شاھ جيلاني، پير نديم شاھ جيلاني ۽ پير امير شاھ جيلاني جي ماسي لاڏاڻو ڪري وئي، سندن نمازِ جنازه بعد نماز ظھر حضرت پير باقر شاهه جيلاني جي اوطاري تي ادا ڪئي وئي جنهن ۾ ڪوهستان جي ڪنڊ ڪڙڇ کان علاوه ميرپور خاص،ڪراچي، پٻڻ، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن مان سوين عقيدت مندن شرڪت ڪئي بيبي صاحبه جي سوڳ ۾ ٿاڻو بولا خان شهر مڪمل طور بند رهيو
 

پاڪستان ايئر فورس ۾ ڀرتين لاءِ رجسٽريشن: 25 جنوري آخري تاريخ مقرر
 

سکر (بيورو رپورٽ) پاڪستان ايئر فورس ڀرتي سينٽر سکر سڀني دلچسپي رکندڙ نوجوان اميدوارن کي ياد ڏيارڻ لاءِ پڌرائي جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته ايئرمين جي ڀرتي لاءِ آن لائن رجسٽريشن جي آخري تاريخ 25 جنوري 2026ع ويجهي اچي چڪي آهي، پاڪستان ايئر فورس ۾ ايرو ٽيڪنالاجي (ايرو ٽيڪ)، ايرو سپورٽ، فزڪل فٽنيس ۽ ڊرل انسٽرڪٽر (پي ايف اينڊ ڊي آئي)، سيڪيورٽي، مڪينيڪل ٽرانسپورٽ ڊرائيور (ايم ٽي ڊي)، فائر فائٽر، ميڊيڪل اسسٽنٽ ۽ آءِ ٽي اسسٽنٽ لاءِ آن لائن رجسٽريشن جاري آهي، جن اميدوارن ميٽرڪ جا امتحان گهٽ ۾ گهٽ 65 سيڪڙو مارڪن سان پاس ڪري چڪا آهن، اهي هن موقع مان فائدو وٺي سگهن ٿا. دلچسپي رکندڙ اميدوار فوري طور تي آن لائن رجسٽريشن مڪمل ڪن ۽ پاڪستان ايئر فورس ۾ روشن ڪيريئر جا موقعا حاصل ڪن. وڌيڪ معلومات لاءِ ويجهي پاڪستان ايئر فورس سليڪشن سينٽر سان رابطو ڪيو يا پاڪستان ايئر فورس جي آفيشل ويب سائيٽ جو دورو ڪريو. پاڪستان ايئر فورس ۾ شموليت نه رڳو ملڪ جي خدمت جو موقعو فراهم ڪري ٿي، پر نوجوانن لاءِ معياري تربيت ۽ ترقي جا روشن موقعا پڻ پيش ڪري ٿي.
 

 وارهه ۾ سنڌي هاري تحريڪ طرفان شهيد فاضل راهو جي ورسي ملهائي وئي
 

وارهه (ن پ ا) شهيد فاضل راهو جي 39 هين ورسي وارهه ۾ سنڌي هاري تحريڪ طرفان ملهائي وئي، ان موقعي تي سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪامريڊ غلام مصطفيٰ چانڊيو،  عبدالنبي بروهي،اياز جمال، نوريز چانڊيو، ۽ ٻين  چيو ته فاضل راهو جي جدوجهد پورهيتن جي حقن جي لاءِ هئي،  هن جديد سنڌ جي اڏاوت ۾ ڪردار ادا ڪري انقلابي تحريڪون هلائي جابر قوتن سان سياسي جنگاڻ جوٽي، فاضل راهو طبقاتي نظام جي خاتمي لاءِ فيصلاڪن ويڙهه وڙهي،اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هيو ته جيسيتائين هاري ۽ پورهيت هوندا تسيتائين تائين فاضل راهو جي ارڏي ۽ انقلابي جدوجهدن جا داستان ۽ قصا پيا ورجائبا.