ساڪري ۾ مذهب تبديلي دٻاءُ  بابت جاچ تي بي اعتمادي: سردار شاهه پاران نئين جاچ ڪاميٽي  قائم

ساڪري ۾ مذهب تبديلي دٻاءُ  بابت جاچ تي بي اعتمادي: سردار شاهه پاران نئين جاچ ڪاميٽي  قائم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ميرپور ساڪرو ۾ ٻارڙن تي مذهب تبديليءَ لاءِ دٻاءُ وجھڻ واري واقعي جي جاچ تي تعليم واري صوبائي وزير پاران عدم اعتماد جو اظهار ڪيو ويو آهي، صوبائي وزير جي بي اعتمادي بعد معاملي جي ٻيهر جاچ لاءِ چيف ايگزيڪيوٽو ايڊوائزر ڪرڪيولم جي سربراهي ۾ 2 رُڪني ڪاميٽي  قائم ڪئي وئي، ڪاميٽي  کي معاملي جي جاچ ڪري جلد رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته ميرپورساڪرو ۾ شاگردياڻي ۽ ماسترياڻي واري معاملي جي مڪمل ٿيل جاچ رپورٽ تي تعليم واري وزير سردار شاھ پاران عدم اعتماد جو اظهار ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان صوبائي وزير پاران معاملي جي ٻيهر جاچ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جنهن بعد لاڳاپيل اختيارين پاران صوبائي وزير جي هدايتن کان پوءِ چيف ايگزيڪيوٽو ايڊوائزر ڪرڪيولم ڊاڪٽر فوزيه جي سربراهي ۾  رُڪني ڪاميٽي  قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر عظميٰ ڪمبوھ کي به شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪاميٽي  انصاف جي معيار موجب سمورن پاسن کان جائزو وٺڻ جي پابند ھوندي.

هيڊماسترياڻي جي گسٽا محافظ، بحالي لاءِ تحريڪ جو اعلان

ميرپور ساڪرو: ساڪري گرلز هاءِ اسڪول جي ٽيچر  گل ناز جوکيو کي ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود بحال نه ڪيو ويو آهي گسٽا اڳواڻ  گسٽا ضلعو ٺٽو پاران سڀني استادن کي ھدايت ڪئي وڃي ٿي ته اڄ سڀني يونٽن ۾ اسمبلي دوران استادن کي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج رڪارڊ ڪرايو وڃي ان کان پوءِ تاريخ 2025-11-27 بروز خميس ڏينهن تعلقي ھيڊ ڪوارٽر ۾ سڀئي استاد مظاھرو ڪن انکانپوءِ تاريخ 2025-11-28 بروز جمع ڏينهن ڊسٽرڪٽ ھيڊ ڪوارٽر ۾ 10بجي ھڪ تاريخي مظاھرو ڪيو ويندو
 

نياڻي سان ناانصافي ڪئي وئي آهي: گهاري ۾ به مظاهرو، مين اسٽاپ وٽ ڌرڻو
 

گهارو(ن پ ا) ميرپور ساڪرو جي گرلز اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي گلناز جوکيو کي معطل ڪرڻ  خلاف احتجاجي تحريڪ زور وٺي وئي، مختلف سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن شير زمان جوکيو، سلطان ملاح، ابوذر، حيدر ڇٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪي ڊي اي روڊ گهاري کان احتجاجي مظاهرو ڪري مين اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو ويو, نياڻي سان ناانصافي ڪئي وئي آهي, گلناز جوکيو کي بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.
 

ساڪري جي هيڊماسترياڻي لاءِ سڄو شهر اُٿي پيو،  مڪمل شٽربند هڙتال، پيٽرول پمپ به بند: مظاهرا

ميرپورساڪرو(ن پ ا) گورنمنٽ گرلز ھاءِ اسڪول جي هيڊماسترياڻي گلناز جوکيو کي معطل ڪرڻ خلاف سمورو شهر اٿي پيو، مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته پيٽرول پمپ بند رهيا،  احتجاجي مظاهرا ڪري هيڊماسترياڻي جي بحالي لاءِ نعرا هنيا ويا. واپاري اڳواڻ عبدالستار کٽي، گل حسن خاصخيلي، اڪرم ڪلمتي، مقبول يونس شيخ، گل حسن خاصخيلي ۽ ٻين جي ااڳواڻي ۾ سخت احتجاج ڪيو ويو. شهر جي ريشم گلي، شاھي بازار، پيٽرول پمپ ۽ ننڍا وڏا ڪاروبار مڪمل بند رهيا،  شھرين مطالبو ڪيو ته ميڊم گلناز سان تعليم کاتي غلط ڪيو آھي صاف شفاف جاچ ڪري ٻيھر فيصلو ٻڌايو وڃي، احتجاج ڪندڙن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ھن مسئلي کي مذھبي رنگ ڏنو ويو آھي جيڪو سراسر غلط آھي ھنن حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي فورن ميڊم گلناز جوکيو کي نوڪري تي بحال ڪيو وڃي ٻي  صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.