ساڪري ۾ هيڊماسترياڻي جي حمايت ۾ ريلي، ڌرڻو، شاگردياڻين جو پيءُ معطل

  ساڪري ۾ هيڊماسترياڻي جي حمايت ۾ ريلي، ڌرڻو، شاگردياڻين جو پيءُ معطل

ميرپور ساڪرو(رپورٽ: صاحب خان ڪلمتي) گرلس ھاءِ اسڪول جي ھيڊ ماسترياڻي کي سسپنڊ ڪرڻ خلاف استادن سڄاڻ ڌرين ۽ شاگردن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي مين قومي شاهراھ تي ڌرڻو  هنيو، سوين گاڏيون بيھي ويون تعليم کاتي پاران ڪيل فيصلي خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي، رزاق ڪلمتي قادر جوڻيجو قادر موليپوٽو خدا بخش لاشاري عبدالغني عباسي محمد بخش خاصخيلي غلام حيدر بلوچ عابد بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي سخت نعري بازي ڪئي ويئي، ھنن چيو ته  انڪوائري ٽيم غلط فيصلو ڪيو آهي صحيح طريقي سان جاچ ناھي ٿي اسلاميات پڙھائڻ ڏوهه ناھي انتھاپسندي کي رد ڪيون ٿا ھيڊ ماسترياڻي گلناز جوکيو سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف ھيڊ ماسترياڻي تي الزام ھڻندڙ ھندو نياڻين جي والد سانوڻ مھيشوري کي ٽائون چئيرمين ساڪرو اقبال خاصخيلي معطل ڪري ڇڏيو، کيس چارج شيٽ پڻ ڪيو ويو، ھندو نياڻين جي والد سانوڻ مھيشوري ٽائون ڪاميٽي ميرپور ساڪرو ۾ سينٽري ورڪر گريڊ ھڪ طور ملازم آهي.
 

معاملي کي مذهبي رنگ ڏيندڙ وائکا ٿيڻ گهرجن، ٻيهر جاچ ڪاميٽي جوڙي وڃي: عالم
 

ميرپور ساڪرو: ميرپور ساڪرو جامع مسجد جي خطيب مولوي محمد عمر ٻارڻ، جامع مسجد نوراني جي خطيب عبدالوھاب بلوچ، شيعا علماءَ ڪائونسل جي عرض محمد ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ميرپور ساڪرو شھر پرامن رھيو آهي سڀني مذھبن کي رھڻ جو حق آهي، وزير تعليم انڪوائري ٽيم ٻيھر جوڙي وڃي جنهن ۾ سمورن مڪتب فڪر جي ماڻهن کي شامل ڪيو وڃي، ھنن  وڌيڪ چيو ته جنهن به ھن واقعي کي مذھبي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ان کي انتظاميا وائکو ڪري جيئن اھڙا واقعا نه ٿي سگھن، ھنن اپيل ڪئي ته والدين پنهنجي نياڻين کي اسڪول ۾ ڇڏين جيئن تعليم وارو رستو جاري رهي سگهي.