ڪشمور/ميرپور ماٿيلو(رپورٽرز) ڪشمور جو ساگر ڪمار بازياب ٿي ويو آهي جڏهن ته نگران گهرو وزير حارث نواز چيو آهي ته سردارن، پاٿاريدارن ۽ سهولتڪارن کي آخري وارننگ ڏئي ڇڏي اٿئون، سنڌ سرڪار ۽ آرمي چيف ڌاڙيلن کي چٿڻ لاءِ پڪوپهه ڪري ورتو آهي
ڪشمور مان 45 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ساگر ڪمار کي بازياب ڪرائي وارثن حوالي ڪيو ويو، هندو پنچائت هال پهچڻ تي ساگر ڪمار جو شاندار استقبال ڪري جهمريون هنيون ويون
ان حوالي سان ايس ايس پي روحل کوسو جو چوڻ آهي ته ساگر ڪمار کي ڪچي جي گھوڙا گھاٽ واري علائقي مان مقابلي دوران بازياب ڪرايو ويو، مغوي جي بازيابي لاءِ علائقي جي چڱن مڙسن طرفان راڄوڻي ڪوششون به ڪيون ويون
هن ٻڌايو ته مغوي ساگر جي بازيابي لاءِ ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪچي جي مختلف علائقن ۾ آپريشن ھلندڙ ھو، جنهن جي نتيجي ۾ ساگر جي بازيابي عمل ۾ آئي
ٻئي طرف ساگر ڪمار جي والد اندر لعل، سندس امڙ ۽ ڀائرن پاران ساگر ڪمار سان ملڻ وقت جذباتي منظر هئا پيءُ ماءُ، ڀائرن ۽ ٻين ساگر ڪمار کي ڀاڪرن ۾ ڀري ورتو
هوڏانهن سنڌ جي نگران گهرو وزير رٽائرڊ برگيڊيئر حارث نواز ميرپور ماٿيلو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ سرڪار ۽ آرمي چيف سنڌ مان ڌاڙيلن جو صفايو ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ورتو آهي، سردارن، پاٿاريدارن ۽ سهولتڪارن کي آخري وارننگ ڏئي ڇڏي اٿئون
هن چيو ته سنڌ پوليس، پنجاب پوليس ۽ رينجرز جي مدد سان ڪچي ۾ جلد وڏو آپريشن ڪنداسين، سردارن کي وارننگ ڏيڻ بعد ئي ساگر ڪمار بازياب ٿيو، رهيل مغوي جلد بازياب ٿي ويندا، ڌاڙيلن خلاف مثالي آپريشن ڪري ايندڙ حڪومت لاءِ هڪڙو معيار ٺاهي وينداسين
سندس چوڻ هو ته گهوٽڪي، ڪشمور ۽ شڪارپور جا سردار ماڻهن جي اغوا ۾ ملوث آهن، سردارن خلاف به جلد ڪارروائي شروع ڪئي ويندي
نگران گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ سان گڏ آر پي او ملتان ۽ پنجاب پوليس جا ٻيا آفيسر موجود رهيا، صوبائي گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ رفعت مختار ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ گهوٽڪي ضلعن جو دورو ڪري آپريشنل تيارين بابت بريفنگ ورتي، ڪچي ۾ مقرر پوليس اهلڪارن کي اضافي الائونس ڏيڻ جو به اعلان ڪيو ويو