ساڳيا چهرا: پ پ پاران آصف زرداري، بلاول، ملڪ اسد، علي گوهر مهر، شازيه، نفيسا، پير آفتاب قومي اسيمبلي لاءِ نامزد

جنوري 6, 2024

ڪراچي (رپورٽ: سترام مهيشوري ) پيپلزپارٽي سنڌ جي 61 مان 53 قومي ۽ سنڌ اسيمبلي جي 130 مان 119 تڪن تي پنهنجن اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ بلاول هائوس مان جاري ٿيل لسٽ موجب جيڪب آباد جي قومي تڪ 190 تي اعجاز جکراڻي، جيڪب آباد- ڪشمور جي قومي تڪ اين اي 191 تي علي جان مزاري، کي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي، جڏهن ته اين اي  192 کي خالي رکيو ويو آهي، شڪارپور واري قومي تڪ اين اي 193  تي جي ڊي اي مان پيپلزپارٽي مان شامل ٿيندڙشهر يار مهر، لاڙڪاڻي جي اين اي 194 تي بلاول ڀٽو ، اين 195 تي نظير احمد ٻگهيو، قمبر جي اين اي 196 تي بلاول ڀٽو، اين اي 197 تي عامر مگسي، گهوٽڪي جي قومي تڪ 198 تي سردار خالد لنڊ، 199 تي علي گوهر مهر کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اين اي 200 تي فيصلو نه ٿي سگهيو هو، سکر جي اين اي 201 تي سيد خورشيد شاهه، خيرپور جي اين اي 202 تي سيده نفيسه شاهه، اين اي 203 تي سيد فضل شاهه جيلاني، 204 تي جاويد شاهه جيلاني، نوشهري فيروز جي اين اي 205 تي سيد ابرار شاهه، 206 تي ذوالفقار علي بهڻ، نوابشاهه جي اين اي 207 تي آصف علي زرداري ۽ اين اي 208 تي غلام مصطفيٰ شاهه، سانگهڙ جي اين اي 209 تي شازيا عطا مري ۽ 210 تي صلاح الدين جوڻيجو، ميرپور خاص جي اين اي 211 تي پير آفتاب شاهه جيلاني، اين اي 212 تي مير منور ٽالپر، عمر ڪوٽ واري تڪ اين اي 213 تي نواب يوسف ٽالپر، ٿرپارڪر جي اين اي 214 تي پير امير شاهه جيلاني ۽ اين اي 215 تي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي، مٽياري جي قومي تڪ 216 تي مخدوم جميل الزمان، ٽنڊوالهيار جي تڪ اين اي 217 تي ذوالفقار علي بچاڻي، حيدرآباد جي تڪ 218 تي طارق شاهه ڄاموٽ، 219 تي علي محمد سهتو کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اين اي 220 جو فيصلو ملتوي ڪيو ويو آهي،هوڏانهن ٽنڊو محمد خان جي اين اي 221 تي سيد نويد قمرالزمان، بدين جي اين اي 222 تي مير غلام علي ٽالپر ۽ اين اي 223 تي حاجي رسول بخش چانڊيو، سجاول جي قومي تڪ تي اين اي 224 تي اياز شاهه شيرازي، ٺٽي جي اين اي 225 تي صادق ميمڻ، ڄامشورو جي اين اي 226 تي ملڪ اسد سڪندر، دادو جي قومي تڪ اين اي 227 تي عرفان لغاري، اين اي 228 تي رفيق جمالي، ملير جي قومي تڪ اين اي 229 تي ڄام عبدالڪريم جوکيو، 230 تي آغا رفيع الله، 231 تي عبدالحڪيم بلوچ کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 232، 233، 234 ۽ 204 جا فيصلا روڪيا ويا آهن، ڪراچي جي 235 تي آصف خان، 236 تي متحده مان آيل مزمل قريشي، اين اي 237 تي ڪرنل اسد عالم نيازي، 238 تي ظفر جهنڊير، 239 تي نبيل گبول، 241 تي مرزا اختيار بيگ، اين اي 242 تي عبدالقادر مندو خيل، 243 تي عبدالقادر پٽيل، 244 تي عبدالبر، 245 تي صديق اڪبر، 246 تي وسيم اختر، 247 تي معاذ شيخ، 248 تي محمد حسن خان ۽ 249 تي رائو وحيد کي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي

لسٽ تي ڪلڪ ڪري پيپلز پارٽي پاران جاري ڪيل سنڌ ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽن تي اميدوارن جي نالا ڏسي سگهجن ٿا

👇👇👇👇👇👇👇👇👇👇👇👇👇👇👇👇👇

Final List of Candidates for National Assembly Sindh

Leave A Comment