سبجيڪٽ اسپيشلسٽ استادن کي انتظامي عهدن تان هٽائڻ جو حڪم

سبجيڪٽ اسپيشلسٽ استادن کي انتظامي عهدن تان هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تعليم کاتي پاران سبجيڪٽ اسپيشلسٽ استادن کي انتظامي عهدن تان هٽائڻ جو حڪم، ان حوالي سان تعليم کاتي جي اختيارين پاران سمورن ماتحت ادارن کي خط لکي هدايت ڪئي وئي آهي ته مختلف پروگرامن ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽرن سميت ٻين انتظامي عهدن تي مقرر سبجيڪٽ اسپيشلسٽ استادن کي  هٽائي رپورٽ ڪرايو وڃي.تعليم کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته سبجيڪٽ اسپيشلسٽ استادن کي کين اصل ڪيڊر وارن عهدن تي مقرر ڪيو ويندو.