سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي امتحان جو نتيجو،92 اميدوار ڪامياب

جُون 12, 2025

حيدرآباد (پنهنجي ڊيسڪ )سنڌ پبلڪ سروس ڪيمشن پاران تعليم کاتي ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ فزڪس جي ڀرتي لاءِ ورتل امتحان ۾ 92 اميدوار ڪامياب قرارڏنا ويا آهن

جڏهن ته گھرو کاتي ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر بم ڊسپوزل اسڪواڊ ڪيڊر جي امتحاني نتيجن ۾ 9 اميدوار ڪامياب ٿيا آهن

سنڌ پبلڪ سروس ڪيمشن پاران  جاري ڪيل  پڌرائي موجب تعليم کاتي ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ فزڪس جي حتمي نتيجن مطابق امتحان ۾ 58 مرد ۽ 34 عورت اميدوارن ڪاميابي ماڻي آهي

پڌرائي موجب ايس پي ايس سي پاران لاڳاپيل کاتن کي ڪامياب اميدوارن جي مقرري جي سفارش ڪئي وئي آهي .

لاڳاپيل پوسٽون

  • وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪندڙ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار يرغمال

  • مورو جا ڳوٺاڻا بازياب، ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول

  • مٽياري ڀرسان فصل مان ڳوٺاڻي جو لاش هٿ

  • چمبڙ ويجهو ٻارڙو پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٻڏي فوت