سبزوئي- مهر برادري تڪرار: نوجوان قتل: وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

جُون 22, 2023

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: لياقت کوسو)ڪنڌڪوٽ ۾ سبزوئي ۽ مهر برادرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار ٻيهر ڪر کنيو، هٿيار بندن سبزي منڊي اندر هٿيارن جي منهن کولي ڇڏيا، گوليون لڳڻ سبب نوجوان قتل ٿي ويو، وارثن لاش رکي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو

اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مصروف ترين سبزي منڊي واري علائقي ۾ سرعام هٿياربند شهر مان داخل ٿي سبزي منڊي اندر پهچي مهر برادري جو نوجوان دلمراد مهر کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد آساني سان فرار ٿي ويا

فائرنگ سبب سبزي منڊي اندر واپارين ۾ ۽ شهرين ۾ ڀاڄ پئجي وئي، واقعي جو اطلاع سبزي منڊي اندر موجود ماڻهن حد جي پوليس کي اطلاع ڏنو پر پوليس بروقت نه پهتي، اڌ ڪلاڪ بعد پهچي جاءِ واردات جو معائنو ڪيو

پوليس جو مڙهه ڪنڌڪوٽ سول اسپتال منتقل ڪيو پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو جنهن بعد وارثن نوجوان جو مڙهه انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو ۽ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون

هوڏانهن پوليس جو چوڻ هو ته معلوم ٿيو آهي مهر برادري جي نوجوان کي پراڻي تڪرار تان قتل ڪيو ويو آهي پوليس هٿياربندن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهي آهي قاتل گرفتار ٿي ويندا

پوليس جو چوڻ هو ته مقتول نوجوان جا وارث ٿاڻي ايندا هٿياربندن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو

لاڳاپيل پوسٽون

  • سجاول جوڻيجو ڀرسان 2 ناريون مبينا اغوا

  • مهانگائي چارسيڪڙو کان به گهٽ آهي: خواجه آصف

  • ڪوٽ غلام محمد: ناري ۽ نوجوان پاران مبينا آپگهات

  • راڻيپور لڳ جهيڙو ، 2 ڄڻا قتل