| ستاويهين ترميم ۾ صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه ناهي: پاڻي کان اڳ ڪپڙا نه لاهجن: قادرمگسي |
ٻانڌي(ن پ ا) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته ستاويهين ترميم ۾ صوبا ورھائڻ بابت ڪجھ به ناھي لکيل. اٺاويھين ترميم تي بحث ڪرڻ اجايو آھي. صحافين جي ھڪ سوال جو جواب ڏيندي ايس ٽي پي چئيرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته 28 ترميم اڃان آئي ناھي اسانکي پنھنجا وڏڙا سيکاري ويا آھن ته پاڻي کان اڳ ۾ ڪپڙا نه لاھيو . مطلب اٺاويھين ترميم آئي ناھي اڳ ۾ دانھون اجايون آھن. ستاويھين اٺاويھين ترميم آڻڻ رياست جو چڪر آھي ته ماڻھن کي ٿڪايون بيزار ڪيون اڳتي ھلي رياست چوندي ته ھي ته قومپرست اجايو ديوارن سان مٿان پيا ھڻن، ٿيندو اھو جيڪو حڪومت چاھيندي ايس ٽي پي چئيرمين ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته ڪارونجھر جي ڪٽائي واري فيصلي تي پھريان قومپرستن جدوجھد ڪئي ھئي، باقي ھن وقت ڪارونجھر وڪيل احتجاج ڪن پيا. وڪلا برادري زندا باد، باقي ڪارونجھر جي ڪٽائي جو اڳر سپريم ڪورٽ به حڪم ڏيندي ته اھو حڪم ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏينداسون. هن چيو ته ڪارونجھر سنڌ جو ماڳ آھي باقي ستاويھين ترميم ملڪ لا نقصانڪار آھي. ايس ٽي پي ڪنھن جي پويان نچڻ واري پارٽي ناھي اسان تحريڪون ھلائڻ جاڻون ٿا. هن چيو ته ھن ملڪ ۾ عام غريب ماڻھن کي ڪورٽ مان انصاف گھٽ ملي ٿو . حڪومت آئيني عدالتون ٺاھڻ چاھي ته آئين عدالتن ۾ سورھن جج ھجن. چار سنڌ جا چار پنجاب جا چار بلوچستان چار خيبرپختواھ جا ته آئيني عدالتون ھلي سگھن ٿيون ۽ ماڻھن کي تڪڙو انصاف ملڻ جي اميد ڪري سگھجي ٿي ايس ٽي پي چئيرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ٻانڌي ڀرسان ڳوٺ مولوي جان محمد جمالي پهچي غلام مصطفىٰ جمالي سان سندس امڙ جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ٻئي پاسي دوڙ ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته حڪمران 27 ترميم پاس ڪري پنهنجو پاڻ کي بادشاهه بڻائڻ چاهن ٿا ته اسان بادشاهه هجون ۽ هر احتساب کان آجا هجون هنن عدالتن کي متي ڪري ڇڏيو آهي پاڪستان ۾ عدالتن ڪڏهن به انصاف جو ڪم ناهي ڪيو ڪڏهن پيپلزپارٽي جون عدالتون هونديون آهن ڪڏهن ن ليگ جون عدالتون هونديون آهن ڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جون عدالتون هونديون آهن ڪڏهن وردي وارن جي حڪم تي جج ڪندا آهن ماضي ۾ ڏٺو ته پي ٽي آئي جي حڪم تي جج ڪم ڪري رهيا هئا عوام انصاف ۽ آئين جو ڪوبه جج ناهي. ان ڪري عدالتن جي ٻيڙي ٻڏل آهي اسان انهن کي رد ڪيون ٿا. صرف اهڙي آئيني عدالت جي حق م آهيون جنهن ۾ صوبن کي برابر جا حق ملن جنهن سڀني صوبن جا هڪجيترا جج هجن.