| ستاويهين کان پوءِ 28هين ۽ 29هين ترميم به آندي ويندي: مرتضيٰ جتوئي |
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ نيشنل پيپلز پارٽي جي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي ڏوڪري ۽ باڊهه ٿاڻن تي داخل ڪيسن جي سلسلي ۾ پنهنجي وڪيلن سان گڏجي لاڙڪاڻي جي فرسٽ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ٿيو، ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر عدالت آڏو پنهنجو بيان قلمبند ڪرايو جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 20 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي. ان موقعي تي جي ڊي اي جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي عباسي، عرفان خان جتوئي، الاهي بخش پيرزادو، مسلم جتوئي، مجاهد جتوئي، غلام رسول پيرزادو، سيف الله جتوئي ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا. ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته بلوچستان ۽ فرنيٽيئر هجي ملڪ جون حالتو ن ٺيڪ ناهن، الله هن ملڪ تي رحم ڪري ڇاڪاڻ ملڪ مونجهاري جو شڪار آهي، اڃان تائين 27 هين ترميم گذري ڪونهي وري 28 هين ترميم جي ڳالهه ٿئي پئي، جيڪي به شيون ڪرڻيون آهن ڪوشش آهي ته 28 هين ترميم ۾ ڪيون جيڪڏهن ان ۾ ڪجهه شيون رهيون ته وري 29 هين ترميم به ايندي. هن چيو ته چيف جو نوٽيفيفڪيشن نڪرڻو هو ڪو نه نڪتو آهي ان ۾ ڪجهه قانوندانن جو خيال آهي ته نوٽيفڪيشن جي ضرورت ڪونهي ۽ ڪجهه جو خيال آهي ته نوٽيفڪيشن جي ضرورت آهي. بحرحال اِهو مونجهارو آهي، ملڪ جون حالتون ٺيڪ ناهن. جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ، مان سنڌ جي وڪيلن ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي وڪيلن کي جس ٿو پيش ڪيان جن زو زبردستي ۽ پئسن جي باوجود حسيب جمالي کي کٽرايو. هن چيو ته جي ڊي اي جو واضع موقف آهي ته هي اسيمبليون ڌانڌلي زده ۽ بوگس ووٽن جي پيداوار آهن جن کي اسين ڪو نه ٿا مڃون جنهن ڪري اسان جي دوستن حلف به نه کنيو آهي، اسيمبلين ۾ جيڪي قانونسازي ٿي رهيون آهن اهي عوام جي مفاد ۾ ناهن، اهي قانونسازي شين کي الجهائن پيون. هن چيو ته 27 هين ترميم جي نتيجي ۾ اسلام آباد ۽ پنڊي ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهي خدشن کي وڌائي رهي آهي، سڀ جي ڊي اي اي جا دوست گڏ آهيون، سنڌ حڪومت مسلسل 18 سالن کان سنڌ جي تباهي ۽ بربادي ڪئي آهي ان خلاف اسان جي جدوجهد جاري آهي.