سجاول انتظاميا جي نااھلي، شھر جون گھٽيون تلاءَ بڻيل، قبرستانن مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو
سيپٽمبر 5, 2024
سجاول (رپورٽ: رياض ميمڻ) سجاول ۾ انتظاميا نااھلي جي حد ڪري ڇڏي، برساتن کي ھڪ ھفتو گذرڻ باوجود سجاول شھر جي ٽنھي قبرستان مان برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، قبرون ميسارجي ويون، کڏا پوڻ سبب لاشن جي بي حرمتي ٿيڻ لڳي، جڏهن ته شھر جون گھٽيون تلاءَ بڻيل آھن، قبرستان اسماعيل شاھه بخاري ۽ مصري شاھه سميت معصوم ٻارڙن جي يارو شاھه قبرستان ۾ برسات جو گوڏي جيترو پاڻي ٻيٺل آھي، سوين قبرون ميسارجي ويون آھن ۽ ڪيتريون ئي قبرون زمين ۾ دٻجي پاڻي جا کڏا بڻجي ويون آھن، ان سلسلي ۾ شھرين خميسو ميمڻ، وفا بابو پٺاڻ، رشيد ڪھرائي، عبدالعليم ھنڱورجو، شھزاد خاصخيلي ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته انتظاميا شھر جي ڪجھ گھٽين مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪرائي فوٽو سيشن بعد اگھور ننڊ سمھي رھي آھي ۽ قبرستانن مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاء تيار ناھي، ھنن سنڌ جي وڏي وزير سميت سجاول ضلعي جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته قبرستان مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪرائي شھرين مان بي چيني ختم ڪئي وڃي.