سجاول تعلقي جي ٽن ديھن ۾ 400 ايڪڙ زمين جا جعلي کاتا ھئڻ جو انڪشاف
جُولاءِ 4, 2025
سجاول (پنهنجي ڊيسڪ) سجاول تعلقي جي ٽن ديھن ۾ 400 ايڪڙ زمين جا جعلي کاتا ھئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
ايڊيشنل ڪمشنر حيدرآباد پاران جعلي کاتا رد ڪرڻ جو حڪم بعد ضلعي انتظاميا پاران داخلائون رد ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.
تعلقي جي ٽن ديھن ديهھ ڀٽي، ديهه سجاول ۽ ديھه گھوٽارو جي زرعي زمينن جون روينيو رڪارڊ ۾جعلي داخلائون ھجڻ جون شڪايتون ملڻ بعد ڊپٽي ڪمشنر سجاول پاران رڪارڊ جي چڪاس ڪرڻ ۽ جاچ ڪرڻ بعد مختلف 25 ڪيسن جا ريفرنس ڪمشنر حيدرآباد کي موڪليا ويا هئا.
ڊي سي سجاول پاران موڪليل ريفرنس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 400 ايڪڙن جي لڳ ڀڳ زرعي زمين جا جعلي کاتا ڪرايا ويا آھن.
ايڊيشنل ڪمشنر حيدرآباد موڪليل 25 ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ روينيو رڪارڊ جي چڪاس ڪرڻ بعد سمورن ريفرنس جو گڏيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ايڊيشنل ڪمشنر ڊي سي سجاول ۽ تعلقي روينيو آفيسرن کي ھدايت ڪئي آهي ته ٽنھي ديھن جي 400 ايڪڙ جي لڳ ڀڳ زمين جا رڪارڊ ۾ رکيل ڪوڙا کاتا رد ڪيا وڃن
ڊي سي سجاول موجب تعلقي جي ٽنھي ديھن جون جعلي داخلائون رد ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آھي، سجاول جي ٽن ديھن ۾ 400 ايڪڙن جي لڳ ڀڳ زمين جي جعلي کاتن جون شڪايتون مليون ھيون جن بابت جاچ ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته اھي داخلائون ڪوڙن ڪاغذن جي بنياد تي رکيون ويون ھيون
داخلائون رد ڪرڻ لاءِ ڪمشنر حيدرآباد کي ريفرنس موڪليا ويا ھئا ۽ ايڊيشنل ڪمشنر حيدرآباد پاران داخلائون رد ڪرڻ لاءِ فيصلو ڏنو ويو آھي