| سجاول جوڻيجو ويجهو ڪرنٽ سبب زخمي نينگر جون ٻئي ٻانهون ڪٽ |
سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو ڀرسان ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي نينگر جون ٻئي ٻانهون ڪٽيون ويون. سيپڪو ميروخان سجاول جوڻيجو جي عملدارن جي لاپرواهيءَ سبب ڳوٺ بھادر ڀنڊ واسي 15 ورھين جو اٻوجھ نينگر محمد ڪامل ڀنڊ کي بجلي جو ڪرنٽ لڳو هو جنهن سبب ڊاڪٽرن سندس ٻئي ٻانھون ڪٽي ڇڏيون متاثر ٿيل معذور نينگر جي پيرسن والد محبوب علي ڀنڊ تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ پ پ چيئرمين کان اپيل ڪئي آهي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي.