سجاول جوڻيجو ڀرسان 3 ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار
جُون 30, 2025
سجاول جوڻيجو ( پنهنجي ڊيسڪ ) سجاول جوڻيجو جي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلي دوران ٽي جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا آهن، پوليس جي رپورٽ مطابق تيرهن پور لاڙي وٽ ڏوهارين جي موجودگي واري اطلاع تي پوليس پهچڻ دوران مقابلو ٿي پيو، پوليس موجب مبينا مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ بهرام ڏاهاڻي، وحيد ڏاهاڻي ۽ الهوڌايو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو،پوليس موجب پڪڙيل جوابدارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويوآهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي .