سجاول جوڻيجو (ن پ و) سجاول جوڻيجو ۾ آبادگارن پاڻي لاءِ ڀٽا مائينر پل تي ٽريڪٽر ٽراليون بيهاري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو
آبادگار ڊي سي خلاف ڇتي نعريبازي ڪري پاڻي ناهي ڇو ڀلاڪربلا ڪربلا جا نعرا ھڻندا رھيا مسلسل ٻن ڪلاڪن کان سکر خصدار روڊ بند هجڻ ڪري ٻنهي طرفن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون آهن
ڌرڻي سبب سرڪاري ملازم توڙي مسافر سخت پريشان آهن پر ايريگيشن عملدارن سميت ڪو به عملدار آبادگارن سان ڳالهين لاءِ نه پھتو آهي، مسافرن ۽ مظاھرين جون ھڪ ٻئي سان چڪريون پڻ جاري آهن جڏهن ته پوليس وارا تماشو ڏسندا رھيا آهن
ان موقعي آبادگارن ستار ٻگھيو، عبدالرسول لاشاري، حاجن مگسي، ميانداد لاشاري، منٺار مگسي، محمد خان ٻگھيو، صدام مستوئي، يعقوب گاڏھي، خالد مگسي ۽ ٻين چيو ته پ پ حڪومت ھوندي پ پ جي باني شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شاخ جا آبادگار ھاري پاڻي لاءِ تڙپي رھيا آهن
هنن الزام هنيو ته آبپاشي عملدار مٿين آبادگارن کي پاڻي وڪرو ڪري رھيا آهن، سانوڻي جو موسم ھوندي اسان جا ھن وقت تائين ٻج پوکجي نه سگھيو آهي جڏهن ته اڳ۾ پوکيل ٻج سڙي رھيا آهن
ھوڏانھن آبادگارن ٻن ڪلاڪن بعد روڊ کولي ٽريڪٽر ٽرالين تي چڙهي ڦلڙي ريگيوليٽر تي ڌرڻو ھڻڻ لاءِ روانا ٿي ويا آهن