| سجاول جوڻيجو ۾ بدامني خلاف ريلي، ٿاڻي آڏو ڌرڻو |
سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو ۾ جي يو آئي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي سالار قاري محمد عثمان مغيري ۽ جي يو آئي تعلقي سجاول جوڻيجو جي امير حافظ ابوبڪر مستوئي جي اڳواڻي ۾ بدامني خلاف مدرسا عربيا دارالعلوم کان ريلي ڪڍي مين رتوديرو شھدادڪوٽ روڊ تي ٿاڻي آڏو ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ۾ چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن ڪجهه ڏينهن اڳ جي يو آئي جي رضاڪار عبدالحفيظ بوزدار کان ٽن ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا ھئا پر سجاول جوڻيجو پوليس پنج ڏينهن گذرڻ باوجود ڦورن جي ڳولا ناهي ڪري سگهي نه ئي موٽر سائيڪل واپس ڪرائي سگهي آهي. ان موقعي تي اڳواڻن ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ايس ايڇ او سجاول جوڻيجو کي هٽائي ڦر ٿيل موٽر سائيڪل واپس ڪرائي امن امان بحال ڪرايو وڃي ھوڏانھن ڊي ايس پي ميروخان جاويد سانگري ڌرڻي واري ھنڌ پھچي ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو