سجاول جوڻيجو ۾ رستا روڪ باوجود ڪئنالن خلاف مارچ: پوليس جا داٻا

مارچ 12, 2025

سجاول جوڻيجو(ن پ ا) سجاول جوڻيجو ۾ سنڌو درياءَ مان 6 نوان غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ واري عمل خلاف عرضي ڀٽو مان ڪافلن جي صورت ۾ نوجوان، ھاري ۽ آبادگارن ريلي ڪڍي رتوديرو_خضدار موٽروي تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي شيرا طارق ڀٽو، بشير ڀٽو، جھانگير ڀٽو، اصغر مگسي، اعجاز دايو ۽ ٻين چيو ته سنڌ واسين جو جياپو پاڻي آهي، سنڌو درياءَ جي حفاظت ڪرڻ لاءِ نڪتا آھيون اسان جو پاڻي چوري ڪرڻ لاءِ پنجاب پاران 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا اسان برداشت نه ڪنداسين، ڍھوڏانھن اھڙي احتجاج جي اعلان بعد گذريل رات کان سجاول جوڻيجو پوليس پاران احتجاج نه ڪرڻ لاءِ اڳواڻن تي وڏو زور پڻ لڳايو، ڌمڪايو ويو ۽ احتجاج دوران ڊي ايس پي ميروخان، ايس ايچ او سجاول جوڻيجو وڏي پوليس نفري ساڻ ڪري پھتا ۽ اڳواڻن تي زور ڀري احتجاج ختم ڪرايو ويو، سڃاڻ ڌرين پاران چيو حڪومت سرڪاري مشينري استعمال ڪري عوام کي ڌمڪائي رهي آهي، اسان پوئتي نه هٽنداسين.

Leave A Comment