سجاول جوڻيجو ۾ زال جي طلاق وٺڻ تي نوجوان ڦاهو کائي ڇڏيو
مَي 24, 2025
سجاول جوڻيجو (ن پ ا ) سجاول جوڻيجو ۾ ٻن ٻارن جو پئ اشوڪ اوڏ سھرو زال ڦرڻ تان زھر پئ زندگي جو انت آڻي ڇڏيو گهر ۾ روڄ راڙو پوليس بيخبر بڻيل سجاول جوڻيجو جوڻيجا محلا ۾ پورھيت 22 سالا اشوڪ پٽ سومر اوڏ گهر ۾ پيل جيت مار دوا پي آپگهات ڪيو، اطلاع تي پوليس پهچي آپگهات ڪندڙ نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو،پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو،فوتي جي چاچي دليپڪمار اوڏ ٻڌايو ته گهرو اڻبڻت سبب جيڪب آباد جي مولاداد جو رھواسي ساھرو دلمراد اوڏ اشوڪ کان زال ڪرشما زبردستي ڦري ٻارن سميت وٺي ويو ھو زال جي جدائي سبب پريشان رھندو ھو طلاق وٺرائڻ تي نوجوان گهر ۾ پيل زهريلي دوا پئ زندگي جو انت آندو آهي، غريب آهيون پورھيو ڪري پيٽ پاليندا آهيون اسان جي مدد ڪئي وڃي