| سجاول جوڻيجو ۾ شاگردن ۾ سومو ريسلنگ جا مقابلا |
سجاول جوڻيجو(ن پ ا) سجاول جوڻيجو تعلقي جي يوسي عرضي بھٽو شھر ۾ فائونڊيشن اسسٽمينٽ ايليمنٽري پبلڪ اسڪول عرضي ڀٽو ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي وچ ۾ اسڪول انتظاميا پاران آزاد صحافت جي نانءُ ٻن ڏينھن وارو اسپورٽس فيسٽول ملھايو ويو، جنھن ۾ مختلف راندين جا مقابلا ڪرايا ويا، اسڪولي شاگردن ۽ شاگريادياڻين جي وچ ۾ سومو ريسلنگ گيم جامقابلا ڪرايا ويا، مقابلو کٽيندڙن ۾ انعام ورھايا ويا، آيل مھمانن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسين سجاول جوڻيجو شھر جي نوجوانن ۽ بھادر صحافين جا نھايت ئي شڪر گذار آھيون جن بنا لالچ جي شاگردن جي ھروقت حوصلا افضائي ڪئي آھي، اسڪول جي پرنسپال غلام شبير ڀٽي، اسپورٽس استاد مقبول احمد سومرو، سمير ساريو ۽ آيل استادن ڪامياب رانديگرن ۽ اسڪولي ٻارڙن ۾ ميڊل ۽ ٽرافيون ورھايون