| سجاول جوڻيجو ۾ مقتول جي وارثن کي ڏنڊ جي رقم نه ملي |
سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو ڀرسان ڳوٺ دين محمد جلباڻي واسي پيرسن ديدار علي جلباڻي،پنهنجي پٽ جي خون سان انصاف نه ٿيڻ تي پٽ ۽ پوٽين ظقرالله جلباڻي ،زڪيه برڪت ڪرم خاتون اربيلو جلباڻي سميت احتجاج ڪيو، پيرسن ديدار علي جلباڻي چيو ته زميني تڪرار تان منهنجي پٽ ارباب جلباڻي مارجي ويو، هن چيو ته جرڳائين خون جو فيصلو ڪيو آهي پر اسان کي فيصلي ۾ نه گهرايو ويو، ميڊيا تي خبر پئي آهي ته في خون جي بها 25 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، ڏنڊ سڪندر جتوئي تي پيو آهي، هن چيو ته اسان کي فيصلي بابت نه ٻڌايو ويو، نه ئي وري ڏنڊ جي رقم ملي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته انصاف ڪيو وڃي.