| سجاول جوڻيجو ۾ 7 ڄڻا قتل واقعو: ڌرين ڏانهن ميڙ: ٺاهه لاءِ راضپو: واٽهڙو جو خون معاف |
سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو ڀرسان ڪجهه ڏينهن اڳ 7 ماڻهوَ قتل ٿيڻ واري واقعي جي فيصلي لاءِ ميڙ آڻيندڙ چڱا مڙس آفتاب جتوئي، غلام شبير ڀٽي، عمران بليدي، بگن ڀٽي، شمس الدين بروھي، فقير محمد سناڻي سميت سوين معزز ماڻهن قافلي جي صورت ۾ قرآن پاڪ کڻي چئني ڌرين ڏانهن الڳ الڳ ڳوٺن ۾ ميڙ منٿ قافلو پھتو، جتي ڌريون ٺاهه لاءِ راضي ٿي ويون، ياد رهي ته گهر پنهنجا ۾ 19 ڏينهن اڳ فدا جتوئي ساٿين سان گڏجي ڀاءُ جي پلاند ۾ شريف جتوئي جي آرا مشين تي حملو ڪري سندس ڀاءُ حاڪم جتوئي سميت ٻن واٽھڙن منظور ڪورائي ضمير تنيو کي قتل ڪري سعيد جتوئي کي زخمي ڪري فرار ٿيو هو، انڙ پل پوليس چوڪي ڀرسان ساڳيا ماڻهوَ شريف جتوئي جي سوٽن الھرکيو، ديدار، وسيم سان جھيڙو ڪيو، جنهن ۾ مک جوابدار فدا عرف سڌير جتوئي، ديدار علي ۽ وسيم جتوئي قتل ٿي ويا هئا، جڏهن ته پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي هئي، جڏهن ته واقعي جا الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا هئا. ٻي طرف علائقي جي چڱن مڙسن آفتاب، غلام شبير ڀٽي، بگن خان ۽ عمران بليدي چيو ته جتوئي ڌرين ۾ تڪرار هلندڙ آهي، ڌرين جا 11 ماڻهو قتل ٿيل آهن، ٻيھر جتوئي-ڪورائي ۽ تنيا ڌرين ڏانهن وياسين ڌريون ٺاهه جي لاءِ راضي ٿي ويون آهن، علي ڏنو جتوئي، شريف جتوئي ڌر ٻي ڌر جي اربيلو جتوئي، ڀورل جتوئي ٺاهه جي لاءِ راضي ٿي ويا آهن، 15 ڏينهن اندر امين چونڊي فيصلي جي حامي ڀري وئي آهي، جڏهن ته ٻن واٽھڙن ۾ ڳوٺ ڦلڙي ۾ پھتاسين جتي مقتول ضمير تنيو جي وارثن تنيا برادري جا معزز ماڻهن ميڙ منٿ کي مان ڏيندي بنا فيصلي جي خون معاف ڪيو آهي، جڏهن ته منظور ڪورائي جي وارثن چيو آهي ته اسان جتوئي ڌر سان فيصلي ۾ نه اينداسين، بعد ۾ اسان جو فيصلو الڳ ڪيو وڃي.