| سجاول جوڻيجي ٿاڻي تان جوابدار فرار ٿيڻ تي اختلاف، جاچ آفيسر تبديل |
سجاول جوڻيجو(ن پ ا) سجاول جوڻيجو ٿاڻي جو ايس ايچ او ۽ اي ايس آءِ جوابدارن ھٿان زخمي ٿيڻ وارواقعو ٿاڻي جي وڏي منشي ۽ اي ايس آءِ کي ڳچي ۾ پئجي ويو. وڏو منشي لائين اي ايس آءِ سسپينڊ ٿي ويو. ان ڏس ۾ گهر پنھنجا لاشاري ۾ ٻ ڏينهن اڳ ايس ايچ او علي حسن مغيري اسٽاپ سميت عورت جي قتل ۾ ملوث روپوش ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ته ساٿي جوابدارن پوليس سان جھيڙو ڪري پوليس کي زخمي ڪري ٻنهي جوابدارن کي ڇڏائي فرار ٿيڻ تي ايس ايچ او علي حسن مغيري ٿاڻي جي وڏي منشي نيڪ محمد بروھي ۽ اي ايس آءِ ذوالفقار علي ڪورائي مٿان ڪاوڙ ڪندي وڏي منشي کي لائين ۽ اي ايس آءِ کي سسپينڊ ڪرائي ڇڏيو آهي. پوليس لائين مان ٿاڻي تي اي ايس آءِ وڏو منشي حسند چانڊيو مقرر ٿي ويو، جنهن چارج سنڀالي ڪم شروع ڪيو. پوليس ذريعن وٽان ڄاڻ ملي ته ايس ايچ او جوابدارن ھٿان زخمي ٿيو ته وڏو منشي ان کان طبيعت پڇڻ نه ويو ۽ اي ايس آءِ جھيڙي دوران کسڪي ويو ھو، جنهن تي ايس ايچ او ٿاڻي جي ٻنهي پوليس عملدارن تي ڏمرجي ايس پي قمبر کي دانهن ڏني، جنهن ايس پي آفيس قمبر آفيس مان وائرليس ميسينجر تي وڏي منشي نيڪ بروھي کي لائين ۽ اي ايس آءِ ذوالفقار علي ڪورائي کي سسپينڊ جو حڪم ڏئي پوليس لائين مان اي ايس آءِ حسن چانڊيو کي وڏو منشي سجاول ٿاڻي تي مقرري جو حڪم ڏنو ويو. ھوڏانھن اڳوڻي ٿاڻي جي وڏي منشي نيڪ بروھي ٻڌايو ته ايس ايچ او ۽ سندس پٽ اسٽاپ کي گھٽ وڌ ڳالھائي ھرو ڀرو ٿوري ٿوري ڳالھه تي تنگ ڪندو رھي پيو، جنهن تي معمولي منهن ماري ٿي ايس ايچ او اسان جي خلاف ايس پي صاحب کي غلط گائيڊ ڪري مونکي لائين موڪلرايو اٿس ۽ اي ايس آءِ ذوالفقار ڪورائي کي سسپينڊ ڪرايو اٿس، ھوڏانھن ايس ايچ او سجاول جوڻيجو چيو ته منهنجي ڪا به شڪايت نه آهي، وڏو منشي کي ايس پي قمبر پاڻ ھٽائي حسند چانڊيو کي مقرر ڪيو آهي، اي ايس آءِ کي ڪوتاھن سبب سسپينڊ ڪيو اٿس.