سجاول جوڻيجي ۾ فصل ڀيل تان جوابدار ڍڳي کي ڪهاڙيون هڻي ڪڍيون

سجاول جوڻيجي ۾ فصل ڀيل تان جوابدار ڍڳي کي ڪهاڙيون هڻي ڪڍيون

سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد شاھ جو لئو پوليس چونڪي ڀرسان عالم مگسي  شمن عمراڻي جي ڍڳي کي فصل ڀيلڻ تان ٽنگ ۾ ڪھاڙي ھڻي زخمي ڪري وڌو. ڍڳي مالڪ شمن عمراڻي دادا عمراڻي ۽ ٻين چيو دانھيندي  چيو ته اسان مسڪين آهيون بااثر عالم مگسي اسان جي ڍڳي کي ٽنگ ۾ ڪھاڙي ھڻي وڏو ظلم ڪيو آهي اسان شاھ جي لئي پوليس چونڪي جي انچارج کي اطلاع ڏنو پوليس جوابدار کي گرفتار نه ڪيو اسان ٻيھر چونڪي انچارج وٽ وياسين رھندو اسان مٿان ڏمرجي ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏي ٿو اسان ٿاڻي تي وياسين پوء به پوليس ڪجهه به نه ٿي ڪري اسان سجاول جوڻيجو جي ايس ايڇ او احمد نواز تونيو ۽ چونڪي جي انچارج  پوليس حبيب الله بروھي جي ڪارڪردگي کان مايوس ٿي  ميڊيا ذريعي ايس پي قمبر ۽ پوليس جي اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيون ٿا ته ڍڳي کي ڪھاڙي ھڻندڙ بااثر  عالم مگسي کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي ھوڏانھن پنهنجي اخبار پاران ٿاڻي جي منشي سميت انچارج کان ڍڳي جي معلومات لاء بار بار پڇيو فون اٽينڊ جي زحمت نه ڪئي ڍڳي مالڪ جي ويجهي عزيز ٻڌايو ته ميڊيا ۾ خبرون لڳڻ کانپوء بااثر مگسي برادري جا ماڻهوَ  ميڙ کڻي آيا آهن فيصلو ٿيندو