سجاول جو پيرسن ڌاڙيلن وٽ قيد، ٻي وڊيو وائرل
جُولاءِ 3, 2025
سجاول (پنهنجي ڊيسڪ ) ميرپوربٺورو جي رهواسي پورهيت پيرسن گلڻ ٺاراڻي گذريل هڪ مهيني کان ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ باندي بڻيل آهي،داڙيلن هڪ ڀيرو ٻيهر وڊيو جاري ڪندي 50 لک ڀنگ طلب ڪري ورتو،ڌاڙيلن پاران جاري ڪيل وڊيو ۾ پيرسن زنجيرن ۾ قيد آهي، سندس تي هٿياربند تشدد ڪري رهيا آهن، پيرسن جي پاڻي گهرڻ تي بي رحم هٿياربند مغوي پيرسن کي پاڻي پيارڻ بدران کيس پاڻي جي بوتل مٿان هاري رهيا آهن،مغوي پيرسن جي حالت خراب ٿيڻ لڳي آهي ۽ هو اڃ وگهي تڙپندو رهي ٿو، مغوين جي وارثن وڏي وزير مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي سجاول ۽ ٻين کان فوري طور تي نوٽيس وٺي مغوي پيرسن جي بازيابي جي گهر ڪئي آهي .