سجاول: قتل ڪيس جو ڏوهه ثابت، 4 جوابدارن کي ڦاهي، ٻن کي عمر قيد

سجاول: قتل ڪيس جو ڏوهه ثابت، 4 جوابدارن کي ڦاهي، ٻن کي عمر قيد

سجاول(رپورٽ: رياض ميمڻ) عدالت قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 4 جوابدارن کي ڦاھي ۽ ٻن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ان سلسلي ۾ فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج سجاول اشفاق احمد نظاماڻي جي عدالت 2021 ۾ لاڏيون ٿاڻي جي حد ۾ چوھڙ جمالي جي رھواسي نوجوان اشرف ونگائي کي قتل ڪرڻ تي مقتول جي پيءُ غلام قادر ونگائي جي فرياد تي لاڏيون ٿاڻي تي داخل قتل جي سنگين ڪيس 28/2021 جي گذريل ڏينھن ٻڌڻي دوران قتل جو ڏوھ جو ثابت ٿيڻ تي چار جوابدارن انور ونگائي، آدم ونگائي، سارنگ ونگائي صديق ونگائي کي ڦاھي جڏھن ته گلو ۽ ظفر ونگائي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. سزا آيل جوابدارن تي نوجوان اشرف ونگائي کي قتل ڪرڻ جو الزام ھو جيڪو عدالت ۾ ثابت ٿيڻ تي عدالت وڏو فيصلو ٻڌائيندي کين ڦاھي ۽ عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ڄاڻايل ڪيس جي عدالت ۾ پيروي ناليوارو وڪيل اعجاز جماڻي ڪري رھيو ھو. جڏھن ته عدالت ۾ انصاف ملڻ تي فريادي ڌر  پاران اطمينان جو اظھار ڪيو ويو.