جاتي (ن پ ا) سجاول ويجهو بدين سجاول روڊ تي فشرفوڪ فورم مرڪزي اڳواڻ ٽن هٿياربندن هٿان تشدد بعد ڦرجي ويو،پوليس ڪيس وٺڻ بجاءِ واپس روانو ڪري ڇڏيو، سجاول ويجهو بدين سجاول روڊ تي مھران فارم وٽ ٽن نامعلوم ھٿياربندن روڊ بلاڪ ڪري فشر فوڪ فورم جي مرڪزي وائيس چيئرمين نورمحمد ٿهيمور ۽ سندس پٽ مرتضا ٿھيمور تي تشدد ڪرڻ بعد کانئن موٽر سائيڪل ۽ 2 موبائيل فون ۽ 15ھزار روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا واقعي بعد معذور فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ نور محمد ٿھيمور جاتي چوڪ ٿاڻي تي ڪيس داخل لاءِ پھتو پر پوليس کيس ڪيس وٺڻ بنا موٽائي ڇڏيو.
ڀرياسٽي لڳ حادثو: پي ٽي سي ايل ملازم ۽ سندس پٽ زخمي
ڀرياسٽي(ن پ ا) ڀرياسٽي لڳ قومي شاهراهه تي موٽر سائيڪل ۽ ڪار ۾ ٽڪر ۾ پي ٽي سي ايل ملازم راحب راڄپر ۽ سندس پٽ ميسم عباس راڄپر سخت زخمي ٿي پيا
مورو : ٻگھيا برادريءَ جي 2 ڌرين ۾ جھيڙو: 5 ڄڻا زخمي
مورو (ن پ ا) موري ويجھو ڳوٺ ملو اسماعيل ٻگھيو ۾ ٻگھيا برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جھيڙي ۾ 5 ڄڻا غلام مرتضيٰ، گلبھار، راڻو، اسلم حيدر ۽ امير بخش ٻگھيو زخمي ٿي پيا