| سجاول ويجهو ٻارن کي خارش جي بيماري، جسم تي داڻا، انفيڪشن، حياتين کي خطرو |
سجاول (رپورٽر) سجاول لڳ ڳوٺ ممون ڪنڊرا ۾ ڪيترائي ٻارڙا چمڙي جي پراسرار بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ ڪري علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو ۔ مقامي ماڻهن عرس ڪنڊرا، رمضان ڪنڊرا، حسين ڪنڊرا، احمد ڪنڊرا ۽ ٻين موجب ڪيترائي ٻار تيزي سان پکڙجندڙ چمڙي جي بيماري ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، جڏهن تہ والدين ۾ سخت ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي۔ متاثر ٻارن ماجد ولد جميل ڪنڊرا، دو دو ولد عبداللطيف ڪنڊرا، شاهد ولد عبداللطيف ڪنڊرا، راحب علي ولد معشوق ڪنڊرا، نينا ڌي سجاد ڪنڊرا ۽ ٻين ۾ خارش، جسم تي داڻا نڪرڻ ۽ چمڙي ۾ انفيڪشن جهڙيون علامتون ظاهر ٿي رهيون آهن، جنهن ڪري ٻارن کي سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي رھيو آھي. علائقي واسين جو چوڻ آهي تہ بيماري تيزي سان پکڙجي رهي آهي ۽ جيڪڏهن فوري قدم نہ کنيا ويا تہ وڌيڪ ٻار بہ متاثر ٿي سگهن ٿا۔ متاثر ٻارن جي والدين حڪومت سنڌ ۽ صحت کاتي کان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.