سجاول ويجهو پوليس چوڪي تي حملو، اهلڪار يرغمال، هٿياربند مالخاني مان سرڪاري هٿيار کڻي ويا

سجاول ويجهو پوليس چوڪي تي حملو، اهلڪار يرغمال، هٿياربند مالخاني مان سرڪاري هٿيار کڻي ويا

سجاول (رپورٽر) سجاول ويجھو ٻڍو ٽالپر پوليس اسٽيشن تي مبينا طور هٿياربند حملو ڪري مالخاني مان هٿيار کڻي ويا. پوليس ذريعن موجب جت برادري جي ٻن گروهن ۾ ڪيترن ڏينهن کان هلندڙ تڪرار ھلندڙ آھي جن مان هڪ ڌر ٿاڻي تي حملو ڪيو ۽ پوليس اهلڪارن کي يرغمال بڻائي مالخاني مان هٿيار به کڻي ويا. واقعي جي اطلاع تي ضلعي جي مختلف ٿاڻن مان وڏي نفري ٻڍو ٽالپر ٿاڻي تي پهتي ۽ علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو. ايس ايس پي سجاول علينه راڄپر موجب ڪارروائي دوران ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ٻه رائفلون برآمد ڪيون ويون آهن. ھٿياربندن جي مبينا حملي ۾ پوليس اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ جي ڄوٻول تي ايس ايس پي واضح ڪيو ته حملي ۾ پوليس اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ بابت خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي. ايس ايس پي مطابق علائقي جي صورتحال تي مڪمل نظر رکي وئي آهي ۽ حملي آورن خلاف وڌيڪ ڪاروايون جاري آهن.