| سجاول: ٻٽي قتل ڪيس ۾ 2 جوابدارن کي ڦاهي، 4 کي عمر قيد |
سجاول (رپورٽر) سجاول جي عدالت ٻن ڳوٺاڻن جي قتل ڪيس ۾ ڏوھ ثابت تي 6 جوابدارن مان، 2 جوابدارن کي ڦاهي ۽ 4 ڄڻن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ان ڏس ۾ فرسٽ ايڊيشنل سيشن ڪورٽ سجاول جي جج اشفاق احمد نظاماڻي جي عدالت 19 فيبروري 2023 تي جاتي ٿاڻي جي حد ۾ عربي سمنڊ ۾ مقتول اسماعيل ۽ الھڏنو ٿھيم کي قتل ڪرڻ جي ڪيس جي گذريل ڏينھن ٻڌڻي دوران 6 جوابدارن تي قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن يعقوب ۽ رفيق ٿھيم کي ڦاھي ۽ پنج/پنج لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. جڏھن تہ چار جوابدارن رجب علي، محمد علي، مقبول ۽ نور علي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ڄاڻايل ڪيس 21-02-2023 تي جاتي ٿاڻي تي فريادي امام بخش ٿھيم جي فرياد تي داخل ڪيو ويو ھو. جڏھن تہ فريادي ڌر پاران ڪيس جي پيروي ناليوارو وڪيل اعجاز جماڻي ڪري رھيو ھو.