سجاول ۾ بيواهه جو سهري ۽ ڏيرن خلاف احتجاج
جُولاءِ 2, 2025
سجاول (پنهنجي ڊيسڪ )سجاول ۾بيواهه جو سهري ۽ ڏير خلاف احتجاج، زبردستي ڏير سان نڪاح ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ جو الزام سجاول واسي بيواهه لڌينا سهتو ٻارن سان گڏ پريس ڪلب پهچي انصاف لاءِ دانهيو آهي، ان موقعي تي عورت جو چوڻ هو ته مڙس شاهد رند ڪينسر وگهي فوت ٿي ويو آهي، سهرو محمد علي ڏير سجاد رند سان نڪاح ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي،هن الزام هنيو ته سھري محمد علي، ڏير سجاد، شوڪت،زاھد، آصف ۽ عرفان رند گھر ۾ قيد ڪري تشدد جو نشانو بڻائي وار ڪتري جسم جي مختلف حصن تي تيزاب هاريو آهي، بيواهه اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته سهري، ڏيرن ۽ ٻين جي ظلمن جو نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي، ٻي صورت ۾ ٻارن سميت پنھنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏينديس