| سجاول ۾ تشدد معاملو اسيمبلي پھچي ويو : واقعو افسوسناڪ آهي، کلي ڪچهرين تي شاباس ڏيو: حڪومتي وزير |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سجاول ۾ کلي ڪچھري دوران پيرسن تي تشدد وارو معاملو سنڌ اسمبلي پھچي ويو . اي چالان واري قانون ۽ لاڳو ٿيل ڏنڊ تي نظرثاني لاء ڪميٽي قائم ڪئي وئي. ڪالھ سنڌ اسمبلي جو اجلاس اسپيڪر اويس قادر شاھ جي صدارت ھيٺ ٿيو . اجلاس ۾ سنڌ اسمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيد ڳالهائيندي چيو ته سجاول ۾ کلي ڪچھري دوران پيرسن تي تشدد ڪيو ويو وزير ۽ ايس ايس پي توڙي ٻيا آفيسر موجود ھئا . پوليس جي سامھون تشدد ٿيو، فوٽ بال جيان لتون ھنيون ويون. گھرو وزير انھي تي ڪجهه ڳالهائي ته ھن واقعي جو ڇا ٿيو؟ جنهن تي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ھر شھر ۾ ھر وزير ھر ضلعي ۾ عوام جي در تي مسئلا ٻڌڻ جي لاء وڃن پيا. سجاول ۾ افسوسناڪ واقعو ٿيو، پر اتي ڪو جاني نقصان نه ٿيو. ٻن ڌرين ۾ زمين جو ڪو تڪرار ھلندڙ آھي، پوليس صورتحال تي ضابطو آندو. سرڪار کي کلي ڪچھرين تي شاباس ڏيڻ گھرجي. اسين عوام آڏو جوابدا آھيون. صوبائي وزير ضياء لنجار چيو ته سجاول واقعي جي جاچ ڪرايون پيا، جنهن به زيادتي ڪئي آھي ته انھي خلاف ڪارروائي ٿيندي. ھن چيو ته اي چالان کي کڻي ماڻهو ڪورٽن ۾ ويا آھن ۽ اسمببلي مان ڪميٽي جوڙڻ جو مطالبو سامھون آيو ھو . حيدرآباد ۽ سکر ۾ به اھو اي چالان لاڳو ڪيو ويو آهي . اي چالان متعلق عوامي خدشن کي نظر ۾ رکندي ھڪ ڪميٽي جوڙي آھي جنهن ۾ پ پ پاران فاروق اعواڻ. سعديا جاويد. ۽ آصف موسي ميمبر ھوبدا. ايم ڪيو ايم جو علي خورشيدي. . افتخار عالم ۽ طحا احمد جڏهن ته پي ثي آء جو شبير احمد ڪميٽي ۾ شامل ھوندا. ڪميثي جو سربراھ گھرو وزير ھوندو. ھن چيو ته ٽريفڪ جو نظام ٺيڪ ڪرڻو پوندو . سومر تي ويھي ڏسنداسين ته اي چالان ۾ اسان کي ڪا ترميم جي ضرورت آھي يا چالان جي رقم ۾ ڪا گھٽتائي ڪرڻي آھي ته به ڏسي وٺنداسين. اجلاس ۾ آدم انسٽيٽيوٽ آف سوشل اينڊ مينيجمينٽ سائنس جو بل پيش ڪيو ويو جيڪو اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪيو ويو ۽ ھڪ ھفتي ۾ اسپيڪر رپورٽ گھرائي ورتي. جڏهن ته چوپائي مال واري کاتي جي وزير پاران پارلياماني سيڪريٽري آصف موسي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي جواڀ ڏنو. جڏهن ته صوبائي وزير عذرا پيچوھو پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته اسمبلي ۾ مردن جي لابي تمام سٺي آھي فرق رکيو ويو آهي عورتن جي لابي واري پاسي ڪم ڪرايو وڃي واش روم بھتر ڪري نماز جي جاء به ٺھرايو . جنهن تي اسپيڪر اويس قادر شاھ چيو ته سنڌ اسمبلي ۾ نه صرف سرڪاري پر مخالف ڌر جي لابيز ۽ ھال بھتر بڻايون. آئون پاڻ جيالو آھيان . سڀ ميمبر آھن ايندڙ سال ڪانفرنس ڪرڻ پيا وڃون . جنوري جي 10-15 تائين مڪمل ٿي ويندو.
| ڪراچي کي 12 سئو گيلن پاڻي گھربل، صرف 5 سئو گيلن فراهم |
ڪراچي : سنڌ اسمبلي ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم ميمبر قرت العين چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ 25 ھزار شاگردن ۽ شاگردياڻين لاء 50 بسون آھن. في ۾ اضافو ٿي رھيو آھي ۽ آئون پاڻ به انھي جي متاثر رھي آھيان. . يونيورسٽين ۾ صورتحال خراب آھي. ٺيڪ ڪيو وڃي جنهن تي يونيورسٽي ۽ بورڊز جي وزير اسماعيل راھو چيو ته سنڌ جي يونيورسٽين لاء 41 ارب روپيا رکيا ويا آھن ڪراچي يونيورسٽي سنڌ جي سڀ کان وڏي يونيورسٽي آھي.اتي، 54 بسون آھن 8 نيون خريد ڪيون آھن. ڪورنگي ۾ 2 پوائنٽس ھلن ٿيون. يونيورسثيون سينڊيڪيٽ ۽ پنهنجي نظام تحت ھلن ٿيون ۽ پنهنجا، فيصلا ڪن ٿيون . سڌي ريت سنڌ حڪومت سان واسطو ناھي، ايم پي اي نصير احمد چيو ته منهنجي تڪ جي مختلف علائقن مان لائينن مان پاڻي چوري ڪري وڪرو ڪيو وڃي ٿو شڪايت باوجود تدارڪ نه ٿو ڪيو وڃي. واٽر بورڊ جو عملي جي خلاف لکت ۾ شڪايت ڪئي پر ڪا ڪارروائي نه ٿي ڪئي وڃي جنهن تي بلديات جي پارلياماني سيڪريٽري قاسم سومرو جواب ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾ 12 سئو گيلن جي ضرورت آهي ۽ پنج سئو کان ساڍا پنج سئو گيلن پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي پاڻي سپلائي جو پورو نظام مينوئل آهي ڪيترن سالن کان غير قانوني ڪنيڪشن لڳا آهن جنهن ڪري شهر ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿيل آهي واٽر بورڊ پاران پاڻي چوين خلاف هڪ خاص سيل به جوڙيو ويو آهي پر چور گهرن ۾ غير قانوني واٽر هائيڊرنٽ ٺاهي پاڻي چوري ڪن ٿا؛ ايم پي اي صابر قائم خاني چيو ته حيدرآباد ۾ هڪ مريض کي،دل جي تڪليف ٿئي ته 12/13 ڪلو ميٽر سفر ڪري کڻي ويا سين ته اين آئي سي وي ڊي پري هجڻ سبب دير ٿي وئي ماڻھو بچي نه سگهيو اسان کان ماڻهون پڇن ٿا ته اسان اسيمبلي ۾ ڇا پيا ڪيون ته اسان جواب ڏيندا آهيون ته 18 سالن کان اقتدار ۾ اسسن ناهيون صحت واري صوبائي وزير عزره پيچوهو جواب ڏيندي چيو ته حيدرآباد ۾ اين آئي سي وي ڊي مڪمل فعال آهي پر لطيف آباد کان پري آهي ان لاء آئون چونديس ته اتي به هڪ چيسٽ پين يونٽ قائم ڪنداسين. جڏهن ته انجنيئرن کي ٽڪنيڪل الائونس ڏيڻ واري مطالبي تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حڪومت جي مالي حالت بھتر ٿيندي ته ضرور ڏينداسين.
ايوان کي قاعدن تي هلايو: (شرجيل ميمڻ) ميمبرن کي اظھار راءِ کان روڪي نٿو سگھان: اسپيڪر
ڪراچي : سنڌ اسمببلي جي اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ اسپيڪر سان مخاطب ٿيندي چيو ته انھي ھائوس کي ھلائڻ جي ذميواري اوھان جي آھي۔ پوائنٽ آف آرڊر جو مطلب جيڪڏهن ھائوس پنهنجي قاعدن تي نه ٿو ھلي ته انھي تي پوائنٽ آف آرڊ تي ڳالهايو وڃي ـ۔ باقي جيڪڏهن ڪنهن ميمڀر جو ڪو ڌيان ڇڪايو نوٽيس آھي يا سوال آھي ته اھو سوال جواب واري سيشن ۾ آنيو نارمل سوالن جوابن کي پوائنٽ آف آرڊر تي سوال جي صورت ۾ نه آندو وڃي جنهن تي اسپيڪر اوس قادر شاھ چيو ته اھو سڀني کي خبر آھي ته پوائينٽ آف آرڊر تي ڪڏهن ڳالهائجي ٿو پر آئون ميمبرن کي راء چي اظھار ڪرڻ کان ڪنهن کي روڪي نٿو سگھان۔ اسمبلي جا سمورا ميمبر مون لاء برابر آھن۔ ۔ باقي ڪنهن پوائنٽ آف آرڊر تي ڪو ڳالهائي سوال ڪري ٿو ته وزير جيڪڏهن انھي اشو بابت ڄاڻي ٿو ته جواڀ ڏي۔ ۔ نه ته ڀلي پڇا ڪري پوء جواب ڏي ـ انھي جو ان وقت ئي جواڀ ڏيڻ جو پابند ناھي ـ