سجاول ۾ پ پ اڳواڻ جي پٽ سان مبينا جنسي ڏاڍائي، جوابدار گرفتار

سجاول ۾ پ پ اڳواڻ جي پٽ سان مبينا جنسي ڏاڍائي، جوابدار گرفتار

سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ ٽائون ڪاميٽي سجاول جي اڳوڻي وائس چيئرمين ۽ پيپلزپارٽي سجاول جي اڳواڻ اقبال ولي ميمڻ جي 10 سالن جي پٽ بلال سان مبينا زيادتي جو انڪشاف ٿيو. ان ڏس ۾ سجاول پوليس اسٽيشن تي اقبال ولي ميمڻ جي فرياد تي جوابدار شعبان ميمڻ خلاف زبردستي بدفعلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس جوابدار شعبان کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس مطابق قانون موجب ڪاروائي ڪئي ويندي.