سجل علي جي اداڪار حمزه سهيل سان ٻي شادي؟

سجل علي جي اداڪار حمزه سهيل سان ٻي شادي؟

لاهور(ڪلچرل ڊيسڪ)  پاڪستاني مشهور اداڪاره سجل علي ساٿي اداڪار حمزه سهيل سان ٻي شادي جي افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي. سجل علي ۽ حمزه سهيل بابت سوشل ميڊيا تي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته اهي 2026 ۾ شادي ڪرڻ وارا آهن. اداڪاره سجل  پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ذريعي سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ افواهن بابت مداحن کي آگاهه ڪيو ته اهي غير تصديق ٿيل دعوائن تي ڌيان نه ڏين، سجل  پنهنجي اسٽوري ۾ لکيو ته مداح پرسڪون رهن، جيڪڏهن منهنجي زندگي ۾ ڪوراڻو آيو ته آئون پاڻ اوهان کي ٻڌائينديس. واضح رهي ته سجل علي 2020 ۾ ابوظهبي ۾ اداڪار احد رضا مير سان شادي ڪئي هئي، بدقسمتي سان اها شادي 2 سالن کان وڌيڪ  هلي نه سگهي.