| سحرش نگر پوليس چوڪي اهلڪارن پاران نينگر سان بدفعلي انڪشاف |
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي سحرش نگر پوليس چؤڪي اندر چؤڪي انچارج اي ايس آء ۽ ٻن ٻين اهلڪارن پاران 15 سالن جي نينگر سان زيادتي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ايس ايس پي حيدرآباد پاران نوٽيس وٺڻ تي اي ايس آء گرفتار نينگر جي ناني جي فرياد تي قاسم آباد ٿاڻي تي اين سي داخل نينگر جي حالت خراب ٿيڻ تي کيس سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي تفصيل موجب سحرش نگر چؤڪي انچارج وارث شيخ ٻن اهلڪارن سان گڏ 15 سالن جي نينگر عمران چانڊيو کي چؤڪي اندر جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ان ڏس ۾ متاثر نينگر جي ناني زليخان چانڊيو قاسم آباد ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي الزام ھنيو آهي ته سندس 15 سالن جي ڏوھٽي عمران چانڊيو سان سحرش نگر چؤڪي اندر چؤڪي انچارج وارث شيخ ۽ ٻن اھلڪارن زبردستي جنسي زيادتي ڪئي آهي پوليس نينگر کي پھرين قاسم آباد تعلقي اسپتال منتقل ڪيو پر سندس حالت خراب ھجڻ تي کيس سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ٻئي طرف ايس ايس پي حيدرآباد شاھزيب چاچڙ پاران واقعي جو نوٽيس وٺڻ بعد چؤڪي انچارج وارث شيخ کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻن اھلڪارن بابت اڃا ڪو به پتو نه پيو