سخاوت جي انتها: ڪي پي ۾ سکيا سينٽر لاءِ 1.52ارب منظور  

سخاوت جي انتها: ڪي پي ۾ سکيا سينٽر لاءِ 1.52ارب منظور  

ڪراچي : سنڌ ڪابينا ڪي پي جي ضلعي مالاڪنڊ ۾ عورتن جي ٽيڪنيڪل ۽ پيشه ورانه تعليم ۽ تربيت لاءَ ٽي اي وي ٽي  (TEVT) ادارو قائم ڪرڻ لاءِ فريم ورڪ ۽ معاھدي جي منظوري ڏني. زيبسٽ ۽ زيبٽيڪ  جي انهي رٿا تي 1.522 ارب رپيا خرچ ايندو . 20 سالن جي تجديد لائق معاهدي تحت  زيبسٽ  ۽ زيبٽيڪ زمين وٺڻ ، سهولتن جي تعمير ۽ انتظام سنڀالڻ لاءِ ذميوار هوندا  يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتو پراجيڪٽ جي عملدرآمد ۾ سهولت، هم آهنگي، ۽ نگراني ڪندو، جنهن جي نگراني ڇهن ميمبرن تي مشتمل اسٽيئرنگ ڪاميٽي طرفان ڪئي ويندي.