سراج درانيءَ جي خالي ڪيل سيٽ پي ايس 9 تي اڄ ننڍي چونڊ

سراج درانيءَ جي خالي ڪيل سيٽ پي ايس 9 تي اڄ ننڍي چونڊ

ڪراچي/ڳڙھي ياسين/لاڙڪاڻو (نمائندن وٽان) شڪارپور جي تڪ پي ايس 9 تي ننڊي اڄ ٿيندي, اليڪشن ڪميشن پاران انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن, 2 لک 77 هزار 792 ووٽر پنهنجي حق جو استعمال ڪندا, اليڪشن ڪميشن موجب تڪ ۾ هڪ لک 48 هزار مرد ۽ هڪ لک 29 هزار عورتون ووٽر رجسٽرڊ آهن, ننڊي چونڊ لا۽ ٽوٽل 178 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيون ويون آهن, جن ۾ 49 مرد, 49 عورتن ۽ 80 گڏيل پولنگ اسٽيشن شامل آهن, 54 پولنگ اسٽيشن انتهائي حساس قرار ڏنيون ويون آهن, 84 پولنگ اسٽيشن حساس جڏهن ته 40 کي نارمل ڊڪليئر ڪيو ويو آهي, 54 انتھائي حساس 84 حساس جڏھن ته 40 پولنگ اسٽيشن نارمل قرار ڏنيون ويون آھن. چونڊ سامان جي ترسيل به پهچائي وئي آهي, پيپلز پارٽي جي آغا شهبازدراني ۽ جي يو آ۽ جي مولانه رشد الله شاهه سميت 8 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن, الڪيشن ڪميشنر اعجاز انور چوهاڻ پاران لاڳاپيل انتظاميه کي هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته چونڊ عمل کي شفاف ۽ پر امن بڻايو وڃي, ڪنهن به بي ظابطگي يا خلاف ورزي کي برداشت نه ڪيو ويندو, ياد رهي ته پي ايس 9 جي سيٽ تي اڳوڻي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني جي فوتگي سبب خالي ٿي هئي. اڳوڻي اسپيڪر سنڌ اسيملي آغا سراج دراني جي وفات بعد خالي ٿيل تڪ PS 9 تي اڄ ٿيندڙ ضمني چونڊ ۾ پ پ جو آغا شھباز دراني ۔ جو  يو آء جي سيد رشد الله شاھ امروٽي ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اسرار احمد سميت 5 آزاد اميدوار ميدان تي لٿل آھن.  چونڊ ۾ 178 پولنگ اسٽيشن تي ليڊيز پوليس اھلڪارن ۽ ريجنرز اھلڪارن  سميت 5 ھزار کان وڌيڪ  نفري مقرر ڪئي وئي آھي جڏھن ته انتھائي حساس ۽ حساس پولنگ اسٽيشن تي اضافي نفري پڻ مقرر ڪئي وئي آھي.