سراج دراني جي سيٽ تي سندس پٽ کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو حتمي فيصلو

سراج دراني جي سيٽ تي سندس پٽ کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو حتمي فيصلو

ڳڙھي ياسين(ن پ ا) پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت ڳڙھي ياسين جي تڪ پي ايس 9 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ آغا سراج دراني جي پٽ کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. پ پ جي ٻين اڳواڻن کي 15 نومبر تائين  ھٿ کڻن جي ھدايت ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي لاڏاڻي بعد خالي ٿيل تڪ پي ايس 9 ڳڙھي ياسين تي پ پ قيادت پاران آغا سراج دراني جي فرزند آغا شھباز خان دراني کي ٽڪيٽ  ڏيڻ جو حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته گذريل ڏينھن پ پ ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ايم پي اي فريال ٽالپر ڪوٽ دراني ڪراچي پھچي آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي سندس جي فرزند آغا شھباز دراني سان  تعزيت ڪئي ان موقعي تي پي ايس 9 جي ٽڪيٽ جو حتمي فيصلو ڪندي آغا شھباز دراني کي پ پ ٽڪيٽ جاري ڪرڻ جو اعلان پڻ  ڪيو ويو جڏھن ته پي ايس 9 تي پ پ ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين سردار ذوالفقار خان ڪماريو ۽ سندس پٽ بشارت ڪماريو کي اعتماد ۾ وٺڻ بعد آغا شھباز خان دراني جي حق ۾ 15 نومبر تائين ھٿ کڻن ۽ پ پ اميدوار جي چونڊ ۾ ڀرپور حمايت ڪرڻ جون ھدايتون ڏنيون ويون آھن.