سراج دراني جي ڌيئرن کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ملي وئي

جُولاءِ 12, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) احتساب عدالت  سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي ڌيئرن کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

احتساب عدالت ۾ اسپيڪر آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو ريفرنس ۾ سندس ڌيئرن پاران پرڏيهه وڃڻ جي اجازت بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي

عدالت آغا سراج جي ٽن نياڻين کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت سارا، سونيا ۽ شاهانا دراني کي 5-5 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

عدالت جوابدارن کي مهيني اندر پرڏيهه مان وطن واپس اچي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم به ڏنو، آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس  ۾ آغا سراج جون ڌيئرون سارا، سونيا ۽ شاهانا به نامزد آهن

درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو ته   22 جولاءِ تي آمريڪا ۾ سئوٽ جي شادي ٿي رهي آهي، اسان کي ڪزن جي شادي ۾ شرڪت ڪرڻي آهي، آمريڪا وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي

Leave A Comment