ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) احتساب عدالت اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ نيب کان جواب طلب ڪري ورتو
احتساب عدالت ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي حوالي سان ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي اسپيڪر آغا سراج دراني عدالت ۾ پيش ٿيو
عدالت نيب پاران جواب داخل نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو نيب عدالت کان جواب داخل ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي
احتساب عدالت نيب کي رڪارڊ سميت جواب داخل ڪرائڻ جي مھلت ڏيندي ٻڌڻي 17 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي
عدالت ۾ آغا سراج دراني جي وڪيل چيو ته آغا سراج دراني تي ڪوڙو ۽ بي بنياد ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي
وڪيل چيو آغا سراج دراني تي قانون موجب ريفرنس نه ٿو ٺھي ريفرنس مان آغا سراج دراني کي آزاد ڪيو وڃي