ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ ضمانت لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ٿي
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران جونيئر وڪيل پيش ٿيو ۽ عدالت کي ٻڌايو ته درخواستگذار جو وڪيل جعفر رضا موڪل تي پرڏيهه ويل آهي
عدالت ڪيس جي ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي جڏهن ته گذريل ٻڌڻي نيب جي جاچ آفيسر جي غير حاضري سبب ملتوي ڪئي وئي هئي
گذريل ٻڌڻي تي جيل سپرنٽينڊنٽ عدالت کي ٻڌايو ھو ته آغا سراج دراني جي گهر کي سب جيل قرار ڏنو ويو آهي
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو رمارڪس ڏنا ھئا ته توهان کي ضمانت جي ڪھڙي ضرورت آھي توھان ته ھونئن ئي گھر ۾ آھيو